ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات پئي، ٿر وسي پيو، سُڪي ويل فصلن ۾ ساھ پئجي ويو، ڪارونجهر مهڪي پيو، نيون وهي آيون، وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو هلندڙ آهي، ٿر جي مختلف علائقن ۽ شهرن مٺي، ڪلوئي، ڇاڇرو، ننگر پارڪر، ڏاهلي، چيلهار، ڏيپلو.
اسلام ڪوٽ ڏانو ڌانڌل ڪانٽيو ويراواهه ڀوريلو هريار وڄوٽو پوسرڪو ڀالوا سميت ٿر جي سمورن پٽن تي کنوڻ ۽ گجگوڙ سان ۽ هوائن سان تيز برساتن جو سلسلو جاري آهي، جنهن بعد ٿري فصلن کي جيڪو سوڪهڙي جي نقصان ٿي رهيو هو اُن جا امڪان ختم ٿي رهيا آهن ۽ مارو ماروئڙن جي چهرن تي مرڪون موٽي آيون، جڏھن ته بجلي جي اکٻوٽ جاري آهي ۽ موسم به محبوب جيان خوبصورت بڻجي ويو آهي.
ٺٽو، مڪلي، درگاھ ستيون، چليا، ڇتوچنڊ، گجو، گھارو، غلام الله، ساڪرو ۽ ڀرپاسي ۾ تيز ھوائن سان گڏ زوردار برسات جو وسڪارو وقفي وقفي سان جاري رھڻ سان گڏ ڪوهستاني علائقن جھمپير، جنگشاھي سميت مختلف علائقن ۾ به برسات جو ڪٿي تيز ته ڪٿي ھلڪو وسڪارو جاري آهي.
برسات سبب گرمي جو زور ٽُٽي پيو، تيز طوفاني برساتن سبب مڪلي تي ڪيترائي بجلي جا پول ۽ وڏا وڻ ڪرڻ ڪري بجلي جو نظام به درهم برهم ٿي ويو، برسات سارين جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسايو، جنھن ڪري ابادگارن کي ھن مهانگائي جي دور ۾ مٿي تي ھٿ اچي ويا، طوفاني برسات سبب مختلف علائقن ۾ به بجلي جا پول ڪرڻ سميت ڪيترن ئي ڪڇن گھرن جي ڊهي پٽ پئجي وڃڻ جا اطلاع پڻ مليا.
برسات سبب ٺٽي شھر جي ڪچين آبادين ۾ به برسات جو پاڻي پهچي ويو جنھن ڪري رھواسي سخت پريشان آھن، جن پاڻي نيڪال ڪرائي پريشاني کان بچائڻ جي گھر ڪئي آھي، ڪنري ۽ ڀرپاسي ۾ ٻئي ڏينهن به زوردار هوا سان گڏ وسڪارو، موسم خوشگوار بڻجي ويو، کرن ۾ سڪايل مرچ برسات ۾ پسڻ سبب نقصان جو انديشو پيدا ٿي ويو، ڪنري ۾ ٻن ڏينھن دوران پيل برسات 52 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، هيٺ وارن علائقن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڦڙ ڦڙ پئي، موسميات کاتي طرفان شهر ۾ خميس تائين تيز برسات جو امڪان ڏيکاريو ويو آهي.
ٻئي پاسي پراوينشل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي موسميات کاتي جي اڳڪٿي موجب ضلعي بدين سميت سنڌ ۾ هلندڙ برساتن جو سلسلو 20 سيپٽمبر تائين وقفي وقفي سان جاري رهندو،ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس بدين پاران رين ايمرجنسي ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيو ويو آهي ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ ڪنٽرول روم جي هنن نمبرن تي رابطو ڪري سگهجي ٿو ٽيليفون نمبر 0297920013 ۽ 0297920020 آهن.
پاڪستان ميٽرولوجيڪل ڊپارٽمينٽ، حڪومت پاڪستان ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي، سنڌ حڪومت طرفان موسم جي اڳڪٿي/ايڊائيزري جاري ڪئي آهي جنهن موجب سنڌ ۾ 18 کان 20 سيپٽمبر 2023 ع تائين مون سون جي برساتن جو نظام داخل ٿي چڪو آهي، جنهن ڪري مٽيءَ جي طوفان سان گڏ تيز برساتن جو امڪان آهي.
مٿين صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڊپٽي ڪمشنر بدين عبدالفتاح هليو سرڪيولر جاري ڪندي سمورن لاڳاپيل کاتن جي سربراهن لوڪل گورنمينٽ، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، آبپاشي کاتي، ڊرينيج، صحت، لائيو اسٽاڪ/فشريز، سوشل ويلفيئر ۽ ٻين کاتن کي صلاح ڏني آهي ته هو الرٽ رهن ۽ هيڊ ڪوارٽر ۾ پنهنجي موجودگي کي يقيني بڻائين. وقت تي ضروري احتياطي اپاءَ ورتا وڃن ته جيئن قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ ۽ خانگي ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان کان بچائي سگهجي.