”سپريم ڪورٽ جي سڌي نشريات،اهڙي تبديلي اسٽيبلشمينٽ به ڪنٽرول نه ڪري سگهندي“

اسلام آباد( مانيٽرينگ ڊيسڪ ) نامياري صحافي ۽ تجزيه نگار مظهر عباس سپريم ڪورٽ ۾ لائيو ڪوريج کي مني انقلاب قرار ڏنو پر خبردار ڪيو ته حقيقي عدالتي انقلاب سخت سڌارن سان ئي اچي سگهي ٿو، انصاف ٿيندو نظر اچڻ گهرجي.

اڳوڻي حڪمران  جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي سينيٽر سحر ڪامران سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ’ايڪس‘ (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي چيو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ نئين دور جي شروعات ٿي رهي آهي.

مشهور صحافي عاصمه شيرازي سپريم ڪورٽ جي ٻڌڻي ۽ لائيو نشريات کي تاريخ ساز قرار ڏئي ڇڏيو.صحافي ۽ تجزيه نگار فهد حسين چيو ته لائيو نشريات ان ڳالهه جي علامت آهي ته هڪ نئون دور اچي رهيو آهي، تاثرات، لهجو، جذبا، چهرا، لفاظي، منطق، سوال سڀني جي ڇنڊڇاڻ ٿي ويندي.

ڪراؤن لا چيمبرز جي وڪيل ۽ مئنيجنگ پارٽنر ابوذر سلمان نيازي چيو ته لائيو اسٽريمنگ شفافيت، انصاف تائين پهچ ۽ تعليم جي طرف هڪ بهترين قدم آهي.

وڪيل ۽ سماجي ڪارڪن جبران ناصر چيو ته سپريم ڪورٽ خاص طور تي اهم آئيني معاملن تي ٻڌڻي جي لائيو نشر ٿيڻ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو صحيح ۽ درست فيصلو آهي.

نديم ملڪ اڳوڻي چيف جسٽس پاران شفافيت نه هجڻ جي نشاندهي ڪندي چيو ته ڪيترائي اڳوڻا چيف جسٽس شفافيت ۽ انصاف کي يقيني بڻائڻ ۾ ناڪام رهيا، اچو ته هڪ چينل ٺاهيون ته سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽن جي سموري ڪارروائي چينل تي لائيو ڏيکاري.

سينئر صحافي مطيع الله جان لکيو آهي ته نئين چيف جسٽس فل ڪورٽ سيشن جي لائيو نشريات جي منظوري ڏئي نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي، سڄي پاڪستان ۽ خاص ڪري نوجوانن ۾ قانون ۽ آئين جو شعور اجاگر ڪرڻ سان سماج ۾ جيڪاتبديلي ايندي ان کي ڪا به  اسٽيبلشمينٽ ڪنٽرول نه ڪري سگهندي لائيو نشريات قانون جي رکوالن سان گڏ سرحد جي رکوالن کي به آئين، قانون، ضابطن ۽ منطق تي سوچڻ، سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ تي مجبور ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.