واشنگٽن( ويب ڊيسڪ) آمريڪا چيو آهي ته پاڪستان ۾ شفاف چونڊون ئي بحران جو خاتمو ڪري سگهن ٿيون. ڏکڻ ۽ وچ ايشيا بابت آمريڪي پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ ايلزبيٿ هورسٽ چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان ۾ تشدد کان پاڪ شفاف چونڊون ڪرائڻ جي حمايت جاري رکندو ۽ عوام کي اهو فيصلو ڪرڻ جي اجازت ڏيندو ته انهن تي ڪير حڪومت ڪندو.
اخبار جي رپورٽ موجب ون يو اين پلازا ۾ هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي ايلزبيٿ هورسٽ پاڪستان تي زور ڀريو ته هو عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي تجويز ڪيل سڌارن تي عمل جاري رکي ڇو ته ان سان سندس ڪمزور معيشت ۾ مدد ملندي، رپورٽ موجب اهو ئي واحد رستو آهي جنهن کي مستحڪم ڪيو وڃي.
هن چيو ته اسان پاڪستاني عوام جي حمايت ڪريون ٿا جن کي پنهنجي ملڪ جي ايندڙ حڪومت چونڊڻ جو حق آهي، سفير ڊونلڊ بلوم اهو پيغام سمورن ادارن ۽ سمورين پارٽين کي پهچايو آهي ۽ مون به اهو ئي پيغام ڏنو آهي.
ايلزبيٿ هورسٽ چيو ته اهو ضروري آهي ته عوام فيصلو ڪري ۽ سياسي پارٽيون عوام آڏو جوابده هجن، پاڪستان ۾ جمهوريت جي حمايت جاري رکنداسين ۽ ملڪ جي آئين ۽ قانون موجب منصفاڻيون چونڊون ان جو حصو آهن.
هن چيو ته چونڊون پرتشدد واقعن کان پاڪ هجڻ گهرجن، شفاف مقابلو ٿيڻ گهرجي ۽ آزاد ميڊيا کي چونڊ عمل جي ڪوريج جي اجازت ڏني وڃي. هن چيو ته آمريڪا پاڪستان تائين اهي پيغام پهچائيندو رهندو جڏهن ته اسان پراميد آهيون ته آمريڪا ۽ پاڪستان گڏجي ڇا ڪري سگهن ٿا.