ايشيا ڪپ ۾ ناقص ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ازالي لاءِ تيار ٿي وڃن

ايشيا ڪپ ۾ ناقص ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن جو احتساب ٿيڻ جو وارو اچي ويو آهي ۽ مختلف چوٻول گردش ۾ آهن چيو پيو وڃي شاداب خان کي به پنهنجي پرفارمينس جي ڪري ڀوڳڻو پوندو.

ان حوالي سان ڏسون ٿا هي رپورٽ

ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کانپوءِ قومي ٽيم جو ايندڙ وڏو امتحان ڀارت ۾ پنج آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ آهي، عالمي ڪپ کان اڳ ايشيا ڪپ ۾ ناقص ڪارڪردگي پاڪستان ٽيم جي رانديگرن خاص طور ڪپتان بابر اعظم جي انفرادي ڪارڪردگي تي ڪيئي سوال اُٿاري ڇڏيا آهن، اڄلڪهه مٿس هر محاذ تي ڇتي تنقيد ٿي رهي آهي.

ايشيا ڪپ جي سُپر فور مرحلي ۾ ڀارت خلاف ڪولمبو ۽ وري پريما داسا اسٽيڊيم ۾ سريلنڪا واري اهم مقاملي دوران سندس ڪپتاني جي انداز تي سوال اُٿارا ويا، جنهن کانپوءِ ڪرڪيٽ حلقن ۾ پاڪستان ٽيم جي ٽنهي فارميٽن جي ڪپتان بابر اعظم جي قيادت جي حوالي سان هن وقت تمام گهڻيون ڳالهيون هلي رهيون آهن.

ان ڏس ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سطح تي خدشا موجود آهن، پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه ذڪاءَ اشرف ايشيا ڪپ جي شڪست سان گڏ بورڊ جي ٻين معاملن ۾ گهڻو ڦاٿل آهي، پر چيئرمين طور بابر اعظم کي قيادت جي منصب تي رکڻ يا هٽائڻ جي حوالي سان هو صبر سان گڏ سوچ ويچار ڪري رهيو آهي، ڪپتان کي رکڻ يا هٽائڻ جو سڌي ريت فيصلو چيئرمين جو اختيار آهي.

ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب، پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪاءَ اشرف بابر اعظم کي ورلڊ ڪپ کان اڳ ڪپتاني جي منصب تان ته ناهي هٽائي رهيو، پر ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي جي نائب ڪپتان شاداب خان کي تبديل ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري ورتو آهي.

ايشيا ڪپ جي پنج ميچن ۾ چاليهه ڏهائي ٽياسي جي ايوريج سان ڇهه وڪيٽون وٺندڙ ليگ اسپنر شاداب خان اڄڪلهه مڪمل طور آئوٽ آف فارم آهي، پر ڪپتان بابر اعظم کيس مسلسل يارنهن رڪني اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ سبب سخت تنقيد کي منهن ڏئي رهيو آهي.

هاڻي اطلاع آهن ته قومي ٽيم جي اهم ترين رانديگر ۽ فاسٽ بالر شاهين آفريدي کي شاداب خان جي جاءِ تي نائب ڪپتان بڻائڻ جو چٽو امڪان آهي.

شاهين شاهه آفريدي عالمي ڪرڪيٽ ۾ مجموعي طور سئو کان مٿي ميچن ۾ اڍائي سئو کان وڌيڪ  وڪيٽون حاصل ڪري چڪو آهي، پاڪستان سُپر ليگ جي فرنچائز لاهور قلندرز شاهين شاهه آفريدي جي قيادت ۾ لڳاتار ٻه سال چيمپيئن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪري چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.