اسلام آباد (م ڊ) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي سمري تيار ڪري ورتي آهي. تفصيل موجب اوگرا 15 سيپٽمبر کان 30 سيپٽمبر تائين پيٽرول جي قيمت ۾ 17 رپيا في ليٽر واڌ جي تجويز ڏني آهي. اهڙي طرح اوگرا ڊيزل جي قيمت ۾ 24 رپيا في ليٽر واڌ جي تجويز ڏني آهي. اوگرا ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل تي ليوي ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. اوگرا پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي سمري ناڻي واري وزارت کي موڪليندو، جنهن تي نئين قيمتن جو اعلان اڄ رات وزيراعظم سان مشاورت کانپوءِ ڪيو ويندو.