وزارتن، ڊويزنز ۽ سرڪاري ادارن ڏانهن بجلي بلن جا اربين رپيا رهيل

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد ۾ مختلف وزارتن، ڊويزنز ۽ سرڪاري ادارا بجلي بلن جي مد ۾ ڪروڙين رپين جا باقيدار آهن، اسلام آباد   ليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني بجلي جي بقايا وارن حڪومتي ادارن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا، دستاويزن موجب وزارتن، وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي ذمي 71 ارب 51 ڪروڙ 90 لک رپيا بقايا آهن، دفاعي ادارن جي ذمي 3 ارب 14 ڪروڙ رپيا رهتون آهن، آزاد ڪشمير حڪومت ڏانهن بجلي بلن جي مد ۾ 60 ارب 70 ڪروڙ 60 لک رپيا رهيل آهن، دستاويزن موجب وزيراعظم سيڪريٽريٽ جي ذمي 6 ڪروڙ 20 لک رپيا، سينيٽ چيئرمين 7 ڪروڙ 10 لک رپيا، چيف جسٽس جي ذمي 70 لک رپيا ۽ پارليامينٽ لاجز جي 11 ڪروڙ 90 لک رپيا رهتون آهن، دستاويز موجب حڪومت جي انتظام هيٺ اسپتال 37 ڪروڙ 10 لک رپيا جي باقيدار آحي، جڏهن ته سي ڊي اي جي ذمي بجلي بلن جي مد ۾ 3 ارب 8 ڪروڙ 10 لک رپيا ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ذمي بجلي بلن جي مد ۾ هڪ ڪروڙ رپيا بقايا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.