چيو ويندو آهي ته پرڪشش چهرو عورتن جي ظاهري شخصيت تي گھرو اثر وجهندو آهي، ان ڪري عورتون پنهنجي چهري جي جلد بابت ڪجهه وڌيڪ حساس هونديون آهن.
چهري کي روز ڏينهن ۾ 2 کان 4 ڀيرا ڌوئڻ ضروري سمجهيو ويندو آهي. اهو چهري تي ايندڙ ڌوڙ مٽي کان ڇوٽڪاري جو هڪ عمل آهي.
پر اهميت ان ڳالهه جي آهي ته چهري کي ڪهڙي طريقي سان ڌوئجي، گھڻيون عورتون پنهنجو چهرو ڌوئيندي ڪجهه ڳالهيون نظرانداز ڪري ڇڏينديون آهن.
چهرو ڌوئڻ وقت ڪيون ويندڙ ڪجهه غلطيون
ايڪسفوليٽيشن گھڻو اهم آهي، اسان جي جلد ۾ گندگي، واڌو تيل، مئل جلد جا خليا هوندا آهن جن کي چهري جي چمڪ برقرار رکڻ لاءِ باقائدگي سان هٽائڻ ضروري آهي.
ان عمل کانسواءِ اوهان موهيڙن ۽ داڻن جهڙن مسئلن جو شڪار ٿي سگھو ٿا.
گرم پاڻي ڪڏهن به استعمال نه ڪريو
پنهنجي چهري کي گرم پاڻي سان هرگز نه ڌوئو، گرم پاڻي جلد کي خشڪ بڻائيندو آهي، گرم پاڻي سان منهن ڌوئڻ گُهنجن جو سبب به بڻجي سگھي ٿو.
بارصابڻ جو استعمال نه ڪريو
بار صابڻ سخت هوندا آهن، اهي اوهان جي جلد کي خشڪ ۽ ڦڪو بڻائي سگھن ٿا.
منهن ڌوئڻ کانسواءِ ڪڏهن به نه سمهو
بستري تي وڃڻ کان اڳ پنهنجو منهن ڌوئڻ ڪڏهن به نه وساريو، اهو انهن ماڻهن لاءِ گھڻو اهم آهي جيڪي سڄو ڏينهن ٻاهر رهندا آهن.
ان سان گندگي، آلودگي ۽ اضافي تيل اوهان جي جلد کي نقصان پهچائيندو.
صحيح طريقي سان مساج ڪريو
چهري جي سار سنڀال لاءِ مساج به ڪرائي ويندي آهي. پر مساج جو درست طريقو شايد ئي ڪنهن کي خبر هجي.
سدائين پنهنجي جلد کي سرڪيولر موشن ۾ مساج ڪريو هيٺين پاسي کان نه، هيٺين پاسي کان مساج ڪرڻ اوهان جي جلد کي سُسائيندو ۽ لچڪ کي ختم ڪرڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿو.
ڪڏهن به چهري تي وائپس جو استعمال نه ڪريو
پنهنجي چهري کي صاف ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به ڊائريڪٽ فيس وائپس جو استعمال نه ڪريو، ڇو جو اهو اوهان جي چهري کي مناسب طريقي سان صاف ناهي ڪندو.