ساگر ڪمار ڌاڙيلن وٽان آزاد ٿي سردارن وٽ قيد هجڻ جي دعويٰ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪشمور مان اغوا ٿيل ساگر ڪمار ڌاڙيل وٽان بازياب ٿيڻ کانپوءِ سليم جان ۽ احسان مزاري وٽ قبضي ۾ آهي. اهڙو دعويٰ آمريڪا ۾ ويٺل صحافي امتياز چانڊيو ڪيو آهي.

امتياز چانڊيو پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽي هڪ آڊيو ليڪ ڪئي آهي جنهن ۾ ڪيپشن ۾ هن لکيو آهي ته ڪشموري جو مغوي ساگر ڪمار ڌاڙيلن وٽان اغوا ٿيڻ کانپوءِ سليم جان ۽ احسان مزاري جي قبضي ۾ آهي جيڪا انهن کي آزاد نٿا ڪن. هاڻي مزاري سردارن پنهنجي سڀني ماڻهن کي حڪم ڏنو آهي ته لائيسن توڙي بنا لائيسن وارا هٿيار کڻي فوري طور تي پهچي وڃي، هاڻي اهو نئون ڊرامون کيڏيو پيو وڃي. ملڪ جا ادارا ۽ پوليس خاموش آهي، اها بدمعاشي ڪيستائين هلندي.

پنهنجي پوسٽ ۾ امتياز چانڊيي هڪ آڊيو به ليڪ ڪئي آهي جنهن ۾ هڪ اڻڄاتل شخص ٻروچڪي ٻولي ۾ مزاري برادري جي ماڻهن کي لائيسن وارا توڙي غيرقانوني هٿيار کڻي جلد پهچڻ جو مزاري سردار جو حڪم ٻڌائي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.