هاڃيڪار ڪولسٽرول گهٽائيندڙ بهترين غذائون

بلڊ پريشر کان وٺي فالج ۽ دل جي مرضن تائين هاڃيڪار ڪولسٽرول جو ڪردار سامهون اچي چڪو آهي. هاڻ ڪجهه غذائون دوا جو ڪم ڪندي ڪولسٽرول گھٽائي رت کي گھاٽو ٿيڻ کان بچائي سگھن ٿيون.

ڪجهه غذائون قدرتي جُزن سان مالامال هونديون آهن ۽ انهن ۾ هاڃيڪار ايل ڊي ايل ڪولسٽرول گھٽائڻ جي غيرمعمولي صلاحيت موجود هوندي آهي.

داليون، جَوَ ۽ اَنُ

دال، چانور، جَوَ، ۽ مڪمل اَنُ کائڻ سان رت ۾ ڪولسٽرول جي سطح گھٽجي وڃي ٿي. ان جو سبب اهو آهي جو انهن ۾ ريشا (فائبر) موجود هوندو آهي ۽ ڪيترائي ڪيميائي جُز رت جي وهڪري کي بهتر بڻائيندا آهن.

ڏهي ۽ بادام

بادام ۽ ڏهي غير معمولي طور تي ايل ڊي ايل ڪولسٽرول کي گھٽ ڪندا آهن. برٽش جرنل آف نيوٽريشن موجب ڏهي کائڻ کي معمول بڻائڻ تي رت ۾ ڪولسٽرول جي سطح چار سيڪڙو تائين گھٽجي سگھي ٿي. اهڙيءَ طرح ڏهي کائڻ سان ڪولسٽرول چار سيڪڙو گھٽجي سگھي ٿو.

بادام ۽ ڏهي ۾ موجود جادوئي جُز معدي کي بهترين انداز ۾ رکندا آهن ۽ اندروني سوڄ گھٽائيندا آهن.

سڻڀ واري مڇي

سڻڀين مڇين ۾ پروٽين ۽ فيٽي ايسڊ موجود هوندا آهن. خاص ڪري انهن ۾ اوميگا ٿري فيٽي ايسڊز جو وڏو مقدار هوندو آهي. ان سان دل جي مرضن جو خطرو گھٽجي ويندو آهي ۽ ائين ڪولسٽرول به تيزي سان گھٽجندو آهي.

رانهان ۽ ڦريون

مختلف قسمن جي رانهن ۾ حل ٿيل ريشن جو وڏو مقدار هوندو آهي. پر انهن کي هضم ٿيڻ ۾ دير لڳندي آهي ته بک به گهٽ لڳندي آهي. اهڙيءَ طرح رانهان کائڻ سان وزن گھٽائڻ ۾ مدد ملي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.