جيتوڻيڪ ننڊ جي کوٽ جا ڪيترائي نقصان هوندا آهن، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ دل جا مرض ۽ فالج جا امڪان وڌڻ جا خطرا به شامل آهن.
هڪ تحقيق مان خبر پئي آهي ته ننڊ جي کوٽ سان جسم جي مختلف حصن ۾ شديد سور به ٿي سگھي ٿو ۽ اها تڪليف وقت سان گڏوگڏ شدت اختيار ڪري سگھي ٿي.
طبي رسالي نيچر ڪميونيڪيشنز ۾ ڇپيل تحقيق موجب ماهرن ننڊ جي کوٽ سبب ٿيندڙ جسماني سور کي جاچڻ لاءِ ڪوئن تي تحقيق ڪئي ۽ انهن کي مختلف گروهن ۾ ورهايو.
ماهرن ڪجهه ڪوئن کي مڪمل ۽ پرسڪون ماحول ۾ ننڊ ڪرڻ ڏني، جڏهن ته ڪجهه ڪوئن جي پرسڪون ننڊ نه ڪرڻ ڏني وئي پوءِ انهن جي جسم تي پوندڙ اثرن جو جائزو ورتو.
ماهرن ڄاتو ته رڳو هڪ هفتي جي اڻ مڪمل ننڊ سان به ڪوئن جي جسم ۾ سور ٿيو ۽ اهو سور مختلف حصن ۾ رهيو، ايتري تائين جو ڪرنگھي جي هڏي، چيلهه ۽ دماغ ۾ به سور رهيو.
ماهرن موجب جن ڪوئن کي پرسڪون ننڊ ڪرڻ ڏني وئي، انهن جي جسم ۾ ڪنهن به قسم جو سور نوٽ نه ڪيو ويو.
تحقيق جي نتيجن مان خبر پئي ته بي خوابي يا اڻ مڪمل ننڊ جو انساني جسم ۽ صحت سان گھرو واسطو آهي، ننڊ جي ڪجهه جي لاڳيتو کوٽ به جسم ۾ سور پيدا ڪري سگھي ٿي.
ماهرن موجب ننڊ جي کوٽ سان فوري طور تي دماغ جو اهو حصو متاثر ٿيندو آهي جيڪو سور کي محسوس ڪندو آهي، ان ڪري ننڊ کوٽ کان پوءِ انسان کي سڄي جسم ۾ سور محسوس ٿيڻ لڳندو آهي.
نتيجن مان خبر پوي ٿي ته ننڊ جي کوٽ سان مٿي ۾ سور، پٺن، چيلهه، ڄنگھن، هٿن ۽ ڪرنگهي جي هڏي ۾ به سور ٿي سگھي ٿو جڏهن ته معدي سميت ٻين عضون ۾ به سور جي شڪايت ٿي سگھي ٿي.
ماهرن خبردار ڪيو ته لاڳيتو ننڊ جي کوٽ سان ڪنهن به شخص ۾ 6 مهينن تائين جسم جي مختلف حصن ۾ به سور رهي سگھي ٿو جيڪو لاڳيتو سور جي صورت اختيار ڪري سنگين مسئلا پيدا ڪري سگھي ٿو.
ميڊيڪل جي اصطلاح ۾ ان کي دائمي سور چيو ويندو آهي جيڪو لاڳيتو 6 مهينن کان وڌيڪ عرصي تائين رهي ۽ وقت سان گڏوگڏ ان ۾ شدت ايندي رهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ان سان سنگين مسئلا به پيدا ٿي سگھن ٿا.
Prev Post
You might also like