جسم جي چرٻي تڪڙي ڳارڻ لاءِ ورزش کان اڳ ڪهڙو شربت پيئڻ گهرجي؟ غذائي ماهر ٻڌائي ڇڏيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) جسم جي وڌيل چرٻي ڳارڻ لاءِ ورزش کان اڳ ڪهڙو شربت پيئڻ گهرجي؟ ناليواري غذائي ماهر ڊاڪٽر مائيڪل موسلي ان حوالي سان انتهائي فائديمند مشورو ڏئي ڇڏيو.
ڊاڪٽر مائيڪل موسلي هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ميزبان جي سوال جواب ڏيندي چيو ته ڪافي اهڙو شربت آهي، جيڪو چرٻي کان ڇوٽڪاري ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.
هن چيو ته ڪافي سستي ختم ڪندي آهي ۽ اسان تندرست ٿي ويندا آهيون، ان کانسواءِ ڪافي جو اهو به فائدو آهي ته جيڪڏهن اسان ورزش کان هڪ ڪلاڪ اڳ پيئون ته ورزش دوران چرٻي ڳرڻ جي رفتار وڌي ويندي آهي.
سندس موجب ڪافي ۾ ڪيفين هوندي آهي، جيڪا ٻوٽا جيتن کي پاڻ کان پري رکڻ لاءِ پيدا ڪندا آهن، ان سان گڏوگڏ ڪافي پولي فينولز سان به ڀرپور هوندي آهي ۽ اينٽي انفليميٽري اثر رکندي آهي.
ڊاڪٽر مائيڪل موسلي چي ته ڪيترين ئي تحقيقن ۾ ثابت ٿي چڪو آهي ته ڪافي دل جي صحت لاءِ به تمام گهڻي فائديمند آهي، جيڪڏهن اسان ورزش کان هڪ ڪلاڪ اڳ ڪافي پيئون ته ان سان وڌيڪ فائدو ٿيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.