ڊپريشن سبب خطرناڪ بيماريون، شگر ۽ دل جي مرض سان لاڳاپن جو به انڪشاف

ڊپريشن کي ڪيترائي ماڻهو ذهني مرض سمجهندا آهن ۽ گهڻي قدر اهو سمجهيو ويندو آهي ته ان جو علامتون به دماغي مسئلن تي ٻڌل هونديون آهن جنهن سان جسم متاثر ناهي ٿيندو.

پر اها ڳالهه درست ناهي! پر ڊپريشن جو شڪار گهڻي قدر ماڻهن ۾ جسماني بيماريون جهڙوڪ شگر، هاءِ بلڊ پريشر ۽ دل جي بيمارين جا خطرا به وڌي ويندا آهن.

اهڙي ڳالهه هڪ نئين تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

جرنل JAMA  Psychiarty  ۾ ڇپيل تحقيق ۾ برطانيا جي هڪ لک ٽيهه هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي ڊيٽا جي جاچ پڙتال ڪرڻ کانپوءِ ڊپريشن ۽ جسماني بيمارين جي وچ ۾ لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو.

تحقيق ۾ ڏٺو ويو ته ڊپريشن جي مريضن ۾ اڻٽيهه اهڙين بيمارين مان متاثر ٿيڻ جو خطرو ڏيڍوڻ تي وڌي ويندو آهي جن جي ڪري اسپتال ۾ داخل ٿيڻو پوي.

تحقيق جي موجب اهڙن ماڻهن ۾ شگر، چيلهه جو سور ۽ ڦڦڙن جي بيمارين کي وڌيڪ ڏٺو ويو آهي.

ماهرن ٻڌايو آهي ته جيڪڏهن ڊپريشن کي روڪيو وڃي ته ڪيتريون ئي اهڙيون جسماني بيماريون آهن جن کان بچڻ ۾ مدد ملندي آهي جيڪي توهان کي اسپتال پهچي سگهن ٿيون.

آمريڪا جي ڪيلوفورنيا يونيورسٽي جي هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڊپريشن ڪيترين ئي بيمارين جا خطرا وڌائڻ وارو عام عنصر آهي، تنهن هوندي به ان جا سبب مڪمل طور تي سامهون نه اچي سگهيا آهن.

پر ماهر جو چوڻ آهي ته جينز، جسماني ورم ۽ دماغي افعال ۾ گهٽتائي جسماني بيمارين جا خطرا وڌائڻ جا امڪاني سبب ٿي سگهن ٿا.

هنن جو چوڻ آهي ته ڊيٽا مان واضح ٿئي ٿو ته ڊپريشن جي ڪري سڄي جسم تي ڊرامائي اثر پوندا آهن ۽ ڪيترن ئي سنگين مسئلن سان منهن ڏيڻو پئجي سگهجي ٿو.

ماهرن موجب انهن بيمارين ۾ گهڻي حد تائين واڌ ٿي سگهي ٿي جن جو مقابلو جسم اڳواٽ ئي ڪري رهيو هجي، مثال طور ماڻهوءَ ۾ شگر يا دل جي بيمارين جا خطرا وڌيڪ هوندا آهن.

هنن ٻڌايو ته ڊپريشن جو شڪار ماڻهن کي صحت جي لاءِ فائديمند عادتن کي اختيار ڪرڻ ڏکيو لڳندو آهي جنهن ته انهن جا سماجي لاڳاپا به متاثر ٿيندا آهن.

تحقيق مان اهو ثابت ٿيو ته ڊپريشن جي ڪري وڌيڪ سنگين بيمارين سان منهن ڏئي سگهجي ٿو پر ڪيترن ئي ڪيسن ۾ اهڙيون بيماريون ڊپريشن جو شڪار به بڻائي سگهن ٿيون، جهڙوڪ ڪينسر يا دل جي دوري جي ڪري ڊپريشن جو شڪار ٿيڻ جا خطرا وڌي ويندا آهن.

ماهرن ٻڌايو ته ڊپريشن جي جلد سڃاڻپ ۽ مناسب علاج ٻين ڪيترين ئي بيمارين کان بچائڻ ۾ به مدد ڏئي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.