قلات ۾ سيڪيورٽي فورسز جو انٽيلجينس بيسڊ آپريشن، فتنه الهندستان جا ٻارنهن دهشتگرد ماريا ويا

قلات (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪندي فتنه الهندستان جي 12 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي موجودگي بابت تصديقي اطلاع تي ڪيو ويو، پناهه گاهه جي نشاندهي، نگراني ۽ وقتائتي ڪارروائي ذريعي دهشتگردن جو خاتمو ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي ٺڪاڻي تان هٿ آيل هٿيار ۽ بارودي سميت آءِ اي ڊيز به موقعي تي ئي تباهه ڪيون ويون، جڏهن ته علائقي ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته عزمِ استحڪام جي ويزن تحت سيڪيورٽي فورسز جون دهشتگردي خلاف بنا فرق ڪارروائيون جاري رهنديون، ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي تائين ڪاررائيون جاري رکيون وينديون.
ڀاڳ ۾ دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻايو ويو: بلوچستان جي وڏي وزير جو مددگار
ٻئي پاسي بلوچستان جي وڏي وزير جي مددگار شاهد رند موجب، ڀاڳ شهر ۾ دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻايو ويو آهي، پوليس جي بهادراڻي مزاحمت سبب دهشتگرد پوئتي هٽي ويا.
شاهد رند جو چوڻ آهي ته دهشتگردن پوليس اسٽيشن، بئنڪ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس تي حملو ڪيو هو.
هن چيو ته لڳ ڀڳ 40 دهشتگردن ڳرن هٿيارن، راڪيٽن ۽ دستي بمن سان حملو ڪيو، جڏهن ته دهشتگرد ڀاڳ پوليس اسٽيشن تي قبضو ڪرڻ ۽ هٿيار ڦرڻ ۾ ناڪام رهيا، دهشتگردن جي فائرنگ ۾ 2 پوليس اهلڪار ۽ 3 شهري زخمي ٿيا.
وڏي وزير جي مددگار جو چوڻ هو ته دهشتگرد بئنڪ مان ڪا به رقم ڦرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا، جڏهن ته بم ڊسپوزل يونٽ بئنڪ ۾ دهشتگردن پاران لڳايل آءِ اي ڊي پڻ ناڪارا بڻائي ڇڏي.

You might also like