ميلبورن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريڊ بال ٽيم جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي عاقب جاويد تي سخت تنقيد ڪندي کيس آئيني ۾ پنهنجو چهرو ڏسڻ جو مشورو ڏنو آهي.
جيسن گليسپي چيو ته پاڪستاني ٽيم ڊپ ۾ کيڏي رهي آهي، جڏهن ته ٽيم ۾ سليڪشن جي ڪا به حڪمت عملي نظر نٿي اچي.
اڳوڻي ڪوچ چيو ته عاقب جاويد روز پنهنجو فيصلو مَٽائيندو آهي، هو 2 سالن کان چيف سليڪٽر آهي، هن گيري ڪرسٽن ۽ مون کي موجوده صورتحال جو ذميوار قرار ڏنو، اسان کي پاڪستان ٽيم ڇڏيئي وڏو عرصو گذري چڪو آهي، پر ان باوجود عاقب جاويد اسان کي ئي ذميوار قرار ڏيئي ٿو.
گليسپي جو چوڻ هو ته عاقب جاويد کي موجوده صورتحال جي ذميواري قبول ڪرڻ گهرجي، رانديگرن ۽ عاقب جاويد وچ ۾ رابطي جو فقدان آهي، برطرف ڪيل رانديگرن کي پنهنجي برطرفي جي خبر گهرڀاتين، دوستن ۽ ميڊيا ذريعي پئي.
اڳوڻي ڪوچ وڌيڪ چيو ته رانديگرن کي برطرفي جي فيصلي بابت سڌي ريت آگاهه نه ڪرڻ انتهائي بي عزتي آهي.
You might also like