ميرپورخاص پريس ڪلب تي پوليس جي ڪارروائي، جيئي سنڌ محاذ جا 4 اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتار

ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ) ميرپورخاص پريس ڪلب تي پوليس جي ڪارروائي ڪندي جيئي سنڌ محاذ جي 4 اڳواڻ ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو.
جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو پريس ڪانفرنس ڪرڻ لاءِ ميرپورخاص پريس ڪلب پهتو، جتي ڪارڪنن سندس آڌر ڀاءُ ڪيو.
ان موقعي تي ميرپورخاص پوليس پريس ڪلب جي هال ۾ ڪارروائي ڪندي پارٽي جي مرڪزي پريس سيڪريٽري اياز سولنگي سميت 4 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو.
گرفتار ڪيلن ۾ مرڪزي پريس سيڪريٽري اياز سولنگي، ميرپورخاص جو عهديدار جھامنداس لکاڻي، احساس ڪوري ۽ شهباز مهر شامل آهن، جن کي ميرپورخاص پوليس ۽ ڊي آءِ بي پاران پريس ڪلب اندر مان گرفتار ڪيو ويو.
جيئي سنڌ محاذ پاران پوليس جي ڪارروائي کي ”سڌي سنئين رياستي دهشتگردي“ قرار ڏيندي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي.
پارٽي مطالبو ڪيو آهي ته گرفتار ڪيل سمورن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.

You might also like