ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جونيئر سائنس ٽيچر جي ٽيسٽ ۾ 50 کان وڌيڪ مارڪون حاصل ڪندڙ سنڌ جي مختلف ضلعن سان واسطو رکندڙ 50 کان وڌيڪ اميدوارن پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي پريس ڪلب آڏو پرامن احتجاجي مظاهرو ڪيو.
مظاهرين ۾ طارق لغاري، منصور بلوچ، مظھر علي ۽ ٻيا اميدوار شامل هئا.
ميڊيا سان ڳالهائيندي مظاهرين چيو ته هنن ميرٽ تي سخت ٽيسٽ پاس ڪري 50 کان وڌيڪ مارڪون حاصل ڪيون آهن، تنهن ڪري کين ڀرتي جي عمل ۾ شامل ڪيو وڃي.
هنن مطالبو هو ته جونيئر سائنس ٽيچر جي ٽيسٽ لاءِ پاسنگ مارڪس گهٽائي 50 ڪيا وڃن.
سندن چوڻ هو ته ماضي ۾ 33 ۽ 40 مارڪن تي به پاسنگ ڏني ويندي رهي آهي، تنهن ڪري تعليمي معيار برقرار رکندي گهٽ ۾ گهٽ 50 مارڪن جو يونيورسل پاسنگ اسڪور مقرر ڪيو وڃي.
هنن چيو ته تازي پاليسي تحت مانيٽرنگ اسسٽنٽ ۽ ٽيچنگ لائسنس جي ٽيسٽن لاءِ 50 سيڪڙو پاسنگ ڪٽ آف مقرر ڪئي وئي آهي، تنهن ڪري ساڳئي پاليسي جي روشني ۾ جونيئر سائنس ٽيچر لاءِ به 50 مارڪن تي پاسنگ ڏني وڃي.
مظاهرين مطالبو ڪيو ته 50 يا ان کان وڌيڪ مارڪون حاصل ڪندڙ سمورن اميدوارن کي بنا دير پاس قرار ڏئي ميرٽ جي بنياد تي نوڪريون ڏنيون وڃن.
هنن سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه ۽ ٻين لاڳاپيل ڪميٽي ميمبرن کي اپيل ڪئي ته سندن جائز مطالبا فوري طور مڃيا وڃن.
مظاهرين خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن مطالبا جلد تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌائيندا ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تحريڪ هلائڻ تي مجبور ٿيندا، جنهن جي سموري ذميواري لاڳاپيل اختيارين تي هوندي.