ڪراچي/لاهور(رپورٽر/ع آ نيوز) جماعت اسلامي جي سڏ تي پيٽروليم شين تي لاڳو ڪيل ليوي خلاف ملڪ بھر ۾ شٽر ڊائون هڙتال رهي. ڪراچي سميت سنڌ ۽ خيبر پختونخواهه جي مختلف شهرن ۾ اڪثر ڪاروباري مرڪز ۽ مارڪيٽون بند آهن، جڏهن ته جماعت اسلامي جا ڪارڪن هڙتال جي نگراني ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف، حڪومت ۽ جماعت اسلامي جي وچ ۾ اڄ ڳالهيون متوقع آهن. جماعت اسلامي ڳالهين لاءِ لياقت بلوچ جي سربراهي ۾ 5 رڪني ڪميٽي ٺاهي آهي، جڏهن ته حڪومت طرفان 4 رڪني ڳالهين جو وفد شرڪت ڪندو. حڪومتي وفد ۾ وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله، وفاقي منصوبابندي وارو وزير احسن اقبال، سعد رفيق ۽ سلمان رفيق شامل هوندا، جڏهن ته حڪومتي وفد جي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان سان ملاقات جو به امڪان آهي. ڪراچي ۾ ڪاروبار بند رهيو.ڪراچي واپاري اتحاد جي صدر عتيق مير چيو آهي ته اڄ مڪمل ۽ پرامن شٽر ڊائون هڙتال هوندي. آل سٽي واپاري اتحاد ۽ آل آئرن اسٽيل مرچنٽس ايسوسيئيشن به هڙتال جي حمايت ڪئي. سنڌ واپاري اتحاد به جماعت اسلامي جي هڙتال جي حمايت ڪئي. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪاروباري سرگرميون هڙتال جي ڪري متاثر ٿيون. ذريعن موجب، صبح سوير کُلندڙ ڪجهه پيٽرول پمپ ۽ دڪان پڻ بند ڪيا ويا. ڪراچي ۾ ڪورنگي ڪراسنگ ويجهو روڊ تي نامعلوم ماڻهن پاران ٽائر ساڙيا ويا جڏهن ته ٻن موٽرسائيڪلن کي به باهه ڏني وئي. پوليس واقعي ۾ 6 ماڻهن کي حراست ۾ ورتو. لاهور ۾ هڙتال رهي، ڪجهه علائقن ۾ واپارين ۽ جماعت اسلامي ڪارڪنن ۾ چڪريون ٿيون. پٹروليم مصنوعات تي سرڪاري ليوي ٽيڪس خلاف جماعت اسلامي پاڪستان جي ملڪ گير هڙتال جي سڏ تي ميرپورخاص ضلعي جي مختلف شهرن جهڙوڪ جهڏو، نئون ڪوٽ، ڊگھڙي، ميرواهه، ٽنڊو جان محمد، ڪوٽ غلام محمد، سنڌڙي، هنگورنو، فضل ڀمڀرو سميت ٻين شهرن ۾ به ملڪ جي ٻين علائقن وانگر سمورا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند رهيا. ٿرپارڪر ضلعي ۾ مھانگائي ۽ تيل جي اگھن ۾ واڌ خلاف احتجاجي ريليون ڪڍي شھرن ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي،جنهن دوران ضلعي جي مختلف شهرن مٺي،اسلام ڪوٽ،ڇاڇرو ۽ ڏيپلو ۾ واپاري مرڪز ۽ بازارون مڪمل طور بند رهيون.ٿرپارڪر جي ضلعي امير ياسين لطيف الزام هڻندي چيو آهي ته ڏيپلو پوليس جماعت اسلامي جي ٻن ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. لاڙڪاڻي ۾ جماعت اسلامي ضلعي طرفان تنظيم جي امير حافظ نعيم الرحمان جي سڏ تي پيٽرول ۽ ڊيزل جي وڌندڙ اگهن خلاف ريلي ڪڍي شهر جي مک جناح باغ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هوڏانهن احتجاج دوران لاڙڪاڻو پوليس ڪيترن ئي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن کي حراست ۾ وٺڻ بعد ڪجھ وقت کان پوءِ کين آزاد ڪري ڇڏيو هيو. ٻي پاسي جماعت اسلامي جي هڙتال سبب ڪجھ ڪلاڪن لاءِ شهر جا مک ڪاروباري مرڪزي مڪمل طور تي بند رهيا. شھدادڪوٽ ۾ به شٽر ڊائون هڙتال ڪئي وئي, ان موقعي تي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. تلهار، ٽنڊو الهيار، گهارو، ميرپور ساڪرو، اوٻاوڙو، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ به ڪاروبار بند رهيا. جماعت اسلامي جا ڌرڻا ختم ڪرائڻ لاءِ احسن اقبال جي سربراهي ۾ حڪومتي وفد جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمٰن سان ملاقات ڪئي، جنهن کانپوءِ ٻنهي ڌرين ڳالهين لاءِ ٽيمون جوڙي ڇڏيون.حڪومت جي ڳالهين واري ٽيم ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، راڻا ثناءُ الله ۽ خواجا سلمان رفيق شامل هئا، جڏهن ته جماعت اسلامي طرفان نائب امير جماعت اسلامي لياقت بلوچ ڳالهين واري ٽيم جي قيادت ڪئي. جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمٰن چيو ته 19 ڏينهن کان ملڪ ۾ 30 هنڌن تي جماعت اسلامي جا ڌرڻا جاري آهن.اسان کي عوام کي تڪليف ڏيڻ جو ڪو شوق ناهي، پر عوامي مسئلن سبب ڌرڻا ڏئي رهيا آهيون.حافظ نعيم الرحمٰن چيو ته هن سال حڪومت ليوي جي مد ۾ مقرر ڪيل هدف کان به وڌيڪ رقم گڏ ڪئي آهي، مهانگائي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.هن چيو ته لياقت بلوچ جي سربراهي ۾ اسان ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. پيٽرول جي قيمت، ليوي، آءِ پي پيز ۽ ماني جي قيمت گهٽ ڪرڻ اسان جا مطالبا آهن.