راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي جي سول لائن ٿاڻي جي علائقي عسڪري اپارٽمنٽس ۾ عورت حنا جاويد جي مبينا بي رحماڻي قتل واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي، پوليس مقتولا جي مڙس ۽ هڪ ملازم کي گرفتار ڪري ورتو، ٻنهي گرفتار جوابدارن کي ڊيوٽي مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتان پوليس ٽن ڏينهن جو جسماني رمانڊ حاصل ڪري ورتو، ڪيس جي جاچ لاءِ ايس ايس پي انويسٽيگيشن جي سربراهي ۾ ست رڪني اعليٰ سطحي جاچ ٽيم جوڙي وئي آهي، جڏهن ته مقتولا سميت گهر ۾ موجود ماڻهن جا موبائل فون پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيا آهن، پوليس ذريعن موجب واقعي واري هنڌ تان مبينا قتل جو اوزار، تار، ڪپڙا، فنگر پرنٽس ۽ ٻين شاهدين سميت 19 شيون فرانزڪ جاچ لاءِ محفوظ ڪيون ويون آهن، جڏهن ته فرانزڪ ماهرن تقريبن ڇهه ڪلاڪ واقعي واري هنڌ جو تفصيلي جائزو ورتو، پوليس ٻنهي گرفتار جوابدارن جا ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته پوسٽ مارٽم کان پوءِ ورتل مختلف نمونا فرانزڪ تجزيي لاءِ موڪليا ويا آهن، ياد رهي ته 2025ع ۾ شادي کان پوءِ ساهرن جي گهر آيل حنا جاويد جو لاش پراسرار حالتن ۾ گهر جي باٿ روم مان هٿ آيو هو، جنهن کان پوءِ مقتولا جي ڀاءُ فهد جي فرياد تي مڙس فيصل اصغر امام، سسُر اصغر امام ۽ هڪ ملازم خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس موجب جاچ جاري آهي ۽ فرانزڪ رپورٽ اچڻ کانپوءِ ڪيس ۾ وڌيڪ اهم انڪشافن جو امڪان آهي.