لڳي ٿو وفاق يَڪو ڏيکاري، باشو هڻي ويندو!

راجا سنديلو

ملڪ ۾ نون انتظامي يونٽن يا نون صوبن واري بحث جي ڪري سياسي صورتحال کي ڏسندي هر ڪو پنهنجي پنهنجي حساب سان اندازا لڳائي رهيو آهي ۽ هر هنڌ هڪ ئي ڳالهه ٿي رهي آهي ته ڪجهه نه ڪجهه ته ٿيڻ وارو آهي، متل سياسي مانڌاڻ کي غير معمولي سياسي بيان بازي محسوس ٿيڻ بدران ڪنهن وڏي تبديلي، ڪنهن نئين سياسي ترتيب يا ڪنهن وڏي فيصلي جا امڪان ڳوليا پيا وڃن.

نون صوبن واري تاثر کانپوءِ سياسي ڌڙن ۾ وڌيل بيچيني ڇا جي آهي؟ ۽ اهڙي صورتحال جا ملڪي سطح تي ڪهڙا نتيجا نڪري سگهن ٿا؟ اهو هڪ الڳ ۽ وڏو بحث آهي. ان سان گڏ اهو به ٿي سگهي ٿو ته ان سڄي قصي جو مقصد اهو ئي هجي ته سول حڪمرانن کي ڪنهن ڪم ۾ رنڊڪ نه ڀڄڻ لاءِ رڳو ڀئو ئي ڏنو پيو وڃي؟ تنهنڪري هن وقت پنهنجو فوڪس هن وقت رڳو سنڌ آهي.

هاڻوڪي دور ۾ سنڌ جو مسئلو رڳو نون صوبن يان نئين انظامي يونٽن جو قيام ئي ناهي پر ڇهه ڪئنالن وارو مسئلو ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ به سنئين سڌي سنڌ جي زمينن، پاڻي ۽ زندگي سان جڙيل آهي جن جي تلوار اڃا اڀي آهي، ٻنهي مسئلن خاص ڪري سنڌو درياهه مان نڪرندڙ ڪئنالن خلاف ٻٻرلوءِ وٽ لڳل تاريخي ڌرڻو ته سڀ ڪنهن کي ياد هوندو پر ان جي نڪتل نتيجن ڏانهن ڌياڻ ڏيڻ به وقت جي اهم ضرورت آهي ڇو ته ان وقت ڪئنال رد ٿيڻ بدران معطل ڪري سنڌ ۾ متل سياسي هلچل کي ماٺو ڪيو ويو هو، جنهن جو مطلب اهو آهي ته ڪئنالن جي اها عارضي معطلي ڪهڙي به وقت ٻيهر پائي تڪميل تائين پڄائڻ جي ڪوشش ٿي سگهجي ٿي.

جيتري قدر ڳالهه نوان صوبا ٺهڻ جي آهي ته انهن جو قيام ايترو به سولو ناهي جيترو سياسي بيانن ۾ نظر ٿو اچي، ان لاءِ نه نظرانداز ٿيندڙ گڏيل قومي ردعمل کي ٿوري دير لاءِ پاسي تي به رکجي ته هاڻوڪيون قانوني گهرجون ئي وڏي رنڊڪ ضرور بڻيل آهن، جن ۾ صوبائي اسيمبلي مان اتفاق راءِ سان قرارداد منظور ٿيڻ جو شرط به آهي جيڪا سولائي سان منظور نٿي سگهي. پيپلزپارٽي کڻي سنڌ جي خير خواهه نه به مڃجي پر کيس ايتري سياسي سمجهه ضرور هوندي ته اهڙو فيصلو رڳو ڪنهن مفاد يا دٻاءَ جو سبب نه پر سندس بقا جو مسئلو آهي، ان سان گڏ اهو سوال به پنهنجي جاءِ تي آهي ته ڪو به سنڌي ايم پي اي ۾ ايتري سگهه رکي ٿو جو هو قومي ڪروڌ کي ڀوڳي سگهي ۽ پنهنجي ڳچيءَ ۾ تاريخي توڪ کڻڻ لاءِ تيار ٿي وڃي.

 اهوئي سبب آهي ته ن ليگ به في الحال ان بحث ۾ حصو ٿيڻ بدران ماٺ جو رستو وٺي ۽ بار پنهنجي ڪلهن تي کڻڻ بدران پيپلزپارٽي جي ڪنڌ تي ڇڏي ڏنو آهي ته صورتحال واضح ٿيڻ کانپوءِ ڪو رستو وٺبو. رهي ڳالهه سنڌ ۾ نون صوبن جي حمايتي ٽولي جي ته اهي”ٻِليءَ کي خواب ۾ ڇڇڙا“ آهن، جهڙي ريت نون صوبن جو واري ڳالهه کانپوءِ اهو ٽولو شروع ٿيو آهي ته بٽڻ لڳڻ کانپوءِ پاڻمرادو طور ئي سائيلينٽ موڊ ۾ به هليو ويندو،

ملڪي سياسي تاريخ ۾ اهو فارمولو پڻ پراڻو آهي ته ڪنهن هڪ اِشو کي ٿڌو يا اڳڀرو ڪرڻ لاءِ ٻيو سگهارو اشو اٿندو آهي اهڙي الڳ الڳ نوعيت جي واقعن جي فهرست به تمام ڊگهي آهي. تنهنڪري هن ڀيري نون صوبن واري اٿيل بحث تي نه رڳو ايترو پر هڙني پاسن کان نظر رکڻ جي ضرورت آهي. ان موضوع جا ملڪي سطح تي ڪهڙا به مقصد يا نتيجا نڪرن پر پاڻ کي سنڌ جي مسئلن کان ڪهڙي به حوالي سان بي ڌياني نه ڪرڻ گهرجي.

اهي ڳالهيون انڪري به غور طلب آهن ته گرين پاڪستان انيشيٽو پروگرام ڪو ننڍو منصوبو ناهي جنهن تحت ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي جديد زرعي طريقن سان وڏي پئماني تي لکين ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ ۽ عالمي سيڙپڪاري جي رٿ ٿيل آهي، ته ڇا پوءِ هو سوال نٿو نڪري ڪير ان ايڏي وڏي منصوبي کي سولائيءَ سان ختم ڪري ڪري سگهي ٿو؟.

نون صوبن واري قيام جي راءِ کانپوءِ اسلام آباد جي ايوانن ۾ سنڌ جي روڊ واري سياست جو ذڪر به واضح طور ٿيڻ جون ڳالهيون اچن ٿيون، شايد اهو غور هيٺ آيو هجي ته ڪالاباغ ڊيم کان وٺي هيل تائين سنڌ ۾ روڊ واري سياست ڪهڙيءَ ريت مرڪز جي پاليسين لاءِ چيلينج ۽ هڪ وڏي رنڊڪ بڻبي رهي آهي، جنهن کانپوءِ وري اهو سوال نڪري ٿو ته ڇا جن قوتن لاءِ وڏا معاشي، زرعي يا انتظامي منصوبا اهم آهن اهي اهڙي روڊ سياست کي پسند يا قبول ڪنديون؟

جيڪڏهن انهن سوالن جو جواب نه آهي ته پوءِ ڇا اهو غور طلب ناهي ته انهن منصوبن جي پورائي لاءِ موجودا طريقيڪار ۾ تبديلي آڻي گيهه سڌي آڱر سان ڪڍڻ بدران آڱر ٽيڏي ڪئي وڃي؟

اهوئي سبب آهي ته ان سڄي صورتحال کي پرکڻ کانپوءِ اهو خيال غلط نٿو سمجهي سگهجي ته ڪو نون صوبن واري تاثر جي پٺيان سنڌ لاءِ ڪا ٻئي وڏي سازش نه هجي. سنڌ جي سياسي پارٽين جي تازي حڪمت عملين ۾ به رڳو نون صوبن وارو اٿيل بحث ئي آهي،نج عوامي رد عمل به ان ئي ڳالهه تي مرڪوزل ٿيل آهي جنهن کانپوءِ لڳي ٿو ته اهڙي متل سياسي مانڌاڻ ۾ وفاق يَڪو ڏيکاري باشو هڻي ويندو.

You might also like