زندگيءَ ۾ سڀ فرد ڪنهن وڏي عهدي، وڏي دولت يا وڏي شهرت سبب عظيم ناهن ٿيندا، پر هو پنهنجي ڪردار، محبت، سچائي ۽ انسان دوستيءَ سبب امر ٿي ويندا آهن، اهڙا ماڻهو تاريخ جي ڪتاب تي پنهنجو نالو مس سان نه، پر ماڻهن جي دلين تي محبت سان لکن ٿا. نياز کوسو به اهڙن ماڻهن مان هو. اڄ هو اسان جي وچ ۾ جسماني طور موجود ناهي، پر سندس ٽهڪ، بيباڪي، نصيحتون، صحافت ۽ سندس انسانيت لاءِ زنده رهڻ واري سوچ اڃا تائين منهنجي يادگيرين جي هر ورق تي تازيون آهن.
ڪالهه جڏهن سندس لاڏاڻي جي خبر ٻڌم ته هڪ پل لاءِ لڳو ڄڻ جهڏي جي صحافت جو هڪ مضبوط ٿنڀ ڪري پيو آهي. اهو رڳو هڪ صحافي جو موت نه هو، پر هڪ اهڙي استاد، دوست، ساٿي ۽ انسان جو وڇوڙو هو، جنهن مون سميت ڪيترن ئي دوستن کي قلم جو احترام سيکاريو هو.
صحافت جي دنيا ۾ منهنجو پهريون قدم به نياز کوسي جي آڱر جهلي پيو. مون کي خبر لکڻ نه ايندي هئي، عنوان ڪيئن رکجي، حقيقت ۽ راءِ ۾ فرق ڇا آهي، مظلوم جي ڳالهه ڪيئن ٻڌائجي، طاقتور جي ڏاڍ کي ڪيئن بيان ڪجي، سڀ سبق مون ڪنهن يونيورسٽي مان نه، پر نياز کوسي جي صحبت مان سکيا. هو منهنجو استاد هو، پر استاد کان وڌيڪ دوست