زندگيءَ ۾ سڀ فرد ڪنهن وڏي عهدي، وڏي دولت يا وڏي شهرت سبب عظيم ناهن ٿيندا، پر هو پنهنجي ڪردار، محبت، سچائي ۽ انسان دوستيءَ سبب امر ٿي ويندا آهن، اهڙا ماڻهو تاريخ جي ڪتاب تي پنهنجو نالو مس سان نه، پر ماڻهن جي دلين تي محبت سان لکن ٿا. نياز کوسو به اهڙن ماڻهن مان هو. اڄ هو اسان جي وچ ۾ جسماني طور موجود ناهي، پر سندس ٽهڪ، بيباڪي، نصيحتون، صحافت ۽ سندس انسانيت لاءِ زنده رهڻ واري سوچ اڃا تائين منهنجي يادگيرين جي هر ورق تي تازيون آهن.
ڪالهه جڏهن سندس لاڏاڻي جي خبر ٻڌم ته هڪ پل لاءِ لڳو ڄڻ جهڏي جي صحافت جو هڪ مضبوط ٿنڀ ڪري پيو آهي. اهو رڳو هڪ صحافي جو موت نه هو، پر هڪ اهڙي استاد، دوست، ساٿي ۽ انسان جو وڇوڙو هو، جنهن مون سميت ڪيترن ئي دوستن کي قلم جو احترام سيکاريو هو.
صحافت جي دنيا ۾ منهنجو پهريون قدم به نياز کوسي جي آڱر جهلي پيو. مون کي خبر لکڻ نه ايندي هئي، عنوان ڪيئن رکجي، حقيقت ۽ راءِ ۾ فرق ڇا آهي، مظلوم جي ڳالهه ڪيئن ٻڌائجي، طاقتور جي ڏاڍ کي ڪيئن بيان ڪجي، سڀ سبق مون ڪنهن يونيورسٽي مان نه، پر نياز کوسي جي صحبت مان سکيا. هو منهنجو استاد هو، پر استاد کان وڌيڪ دوست هو.
اسان گڏجي جهڏي جي گهٽين، ٻنين ۽ ڳوٺن ۾ چانڊوڪين ۾ رولاڪيون ڪيون، اهي رولاڪيون رڳو خبرن جي ڳولا نه هونديون هيون، پر زندگيءَ کي سمجهڻ جو سفر هوندو هو. رستي ۾ هو ڪنهن شاعر جو شعر ٻڌائيندو، ڪنهن ليکڪ جو حوالو ڏيندو، ڪنهن تاريخي واقعي تي ڳالهائيندو. شايد اهو ئي سبب هو جو صحافت سان گڏ منهنجو لاڙو ادب، ڪتابن ۽ علم ڏانهن وڌندو ويو. جيڪڏهن منهنجي اندر لفظن سان محبت پيدا ٿي ته ان محبت جو پهريون ٻج نياز کوسي ئي ڇٽيو هو.
هن وٽ دولت کي ڪڏهن به اهميت ڪو نه ڏني، پر ان وٽ دوستن جي دولت بي انتها هئي. هن لاءِ پئسو نه پر اصل سرمايو مسڪين ماڻهن جون دعائون، دوستن جون محبتون ۽ مظلومن جون مرڪون هيون. شايد ان ڪري اڄ سندس وڃڻ تي هر اهو ماڻهو ڏکارو آهي جنهن سان نياز کوسي جو پيار ۽ احترام جو رشتو هو ،(پر ان کي پنهنجي محبت کان به شايد وڏيون شڪايتون هيون)
مون کيس ڪڏهن به طاقتور آڏو جهڪندي نه ڏٺو. مونکي اڄ به اهو واقعو ياد آهي، جڏهن هڪ بااثر پنجابي زميندار طرفان هاري منو ڀيل جو سمورو خاندان گم ڪيو هو. هر طرف خوف جو راڄ هو، پر نياز کوسي جي قلم ۾ خوف جي نالو کي ئي ڪو نه قبوليو. هن بنا ڪنهن دٻاءُ جي هن خبر کي اهڙي نموني رپورٽ ڪيو جو ڪيترن ئي صحافين جون اکيون کلي ويون. هن لاءِ صحافت ڌندو نه پر ضمير جو آواز هئي.
ان کان به وڌيڪ مونکي اهو ڏينهن ياد آهي، جڏهن جهڏي باءِ پاس ڀرسان سندس ئي مائٽ زميندار هڪ غريب خاندان کي زمين تان زبردستي بي دخل ڪيو. اهو وقت سندس لاءِ وڏو امتحان هو. هڪ پاسي رت جو رشتا مٽي مائٽي هئي ته ٻي پاسي انصاف. پر نياز کوسي رت جي رشتن تي انصاف کي ترجيح ڏني. هن پنهنجي مائٽ خلاف به ساڳئي بيباڪي سان قلم کنيو، جيئن ڪنهن اجنبي زور آور خلاف کڻندو هو. ان ڏينهن مون سمجهيو ته حقيقي صحافي اهو ئي آهي، جنهن لاءِ سچ سڀ کان وڏو رشتو هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مون پنهنجي فرض آڏو اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به لوڀ لالچ ۽ ڪنهن به خوف ويجهو اچڻ ناهي ڏنو.
چاچا ميوو کوسي جي نوجوان پٽ، پرائمري استاد سليمان کوسي جي بي رحم قتل کان پوءِ به نياز کوسي جيڪا انويسٽيگيٽو رپورٽنگ ڪئي، سا اڄ به ياد آهي. پوليس جون فائلون کلي ويون، سوال اٿيا، جاچ تيز ٿي وئي. هن ڪنهن جي دٻاءَ کي قبول نه ڪيو. جڏهن پلانڌ واري واقعي ۾ مبينا جوابدار ماريو ويو ۽ نور محمد کوسو به قتل ٿيو، تڏهن به هن مٽي مائٽي کي هڪ پاسي رکي رڳو حقيقت کي لکيو. اڄ جڏهن صحافت اڪثر مفادن ۾ ورهائجي وئي آهي، تڏهن نياز کوسي جهڙا ماڻهو وڌيڪ ياد اچن ٿا.
جهڏي ڀرسان ٺري جون بٺيون نوجوان نسل کي آهستي آهستي تباهه ڪري رهيون هيون. اهي بٺيون به سندس برادري جي ڳوٺن ڀرسان هيون، پر هن ڪڏهن به برادري خاطر خاموشي اختيار نه ڪئي. هن ڪيترائي ڀيرا انهن خلاف قلم کنيو، ڇو ته سندس نظر ۾ ايندڙ نسل جو مستقبل ڪنهن به ذات يا برادري کان وڌيڪ اهم هو.
اسان جي اها صحافتي سنگت ۾ محب ڀيل، ڀورو لاٻاري، خير محمد کوسو، کيمچند شرما، ممتاز کوسو، صالح کوسو، سائين ماجد ۽ ٻيا ڪيترائي دوست گڏ هوندا هئاسين. هر هڪ مختلف اخبار سان لاڳاپيل هوندو هو، پر شام جو گڏ ويهي خبرن تي بحث ڪندا هئاسين. سائين ماجد جي فيڪس مشين تان خبرون ادارن ڏانهن موڪلڻ، راتين جو جاڳڻ، صبح سوير ڪنهن واقعي واري هنڌ پهچڻ، اهي سڀ يادون اڄ به ذهن ۾ زنده آهن.
جهڏي ۾ اسان جو دور اڄ جي صحافت کان بلڪل مختلف هو. ان وقت ايس ايڇ او سان دوستيون نه هونديون هيون، نه ڪنهن آفيسر سان ذاتي لاڳاپن تي خبرون ٺهنديون هيون. اسان لاءِ خبر رڳو خبر هوندي هئي. سوال ڪرڻ، اقتدار کان جواب وٺڻ ۽ مظلوم سان بيهڻ ئي صحافت جي سڃاڻپ هئي. شايد اهو ئي سبب آهي جو اڄ به ان دور کي ياد ڪري دل ۾ هڪ عجيب سڪ جاڳي ٿي.
نياز کوسو صرف صحافي نه هو، پر انسانيت جو خدمتگار به هو. ميڊيڪل پريڪٽس به ڪندو هو، سندس ڪلهي تي هڪ ٿيلو هوندو هو، جنهن ۾ دوائون، گوريون، انجيڪشن ۽ سرنجون هونديون هيون. هو روز ويهه کان پنجويهه ڪلوميٽر پيرين پنڌ ڳوٺن ۾ ويندو هو. غريب مريضن جو معمولي معاوضي تي علاج ڪندو هو، ڪڏهن ته بنا ڪنهن پئسي جي واپس موٽي ايندو هو. هن لاءِ ڪنهن جي جان بچائڻ سڀ کان وڏو اجر هو. اڄ جڏهن علاج به واپار بڻجي ويو آهي، تڏهن نياز کوسي جهڙا ماڻهو ڪنهن پراڻي دور جي خوبصورت ڪهاڻي لڳن ٿا.
مونکي اهو به چڱيءَ طرح ياد آهي، جڏهن سنڌ جي مزاحمتي شاعر ايوب کوسي تي مذهبي انتهاپسندن ڪيس داخل ڪرايو ۽ هو جيل ويو. اهو منهنجي صحافت جي شروعاتي ڏينهن جو زمانو هو. ايوب کوسي جي آزادي کان پوءِ جيڪا ويجهڙائي اسان جي وچ ۾ پيدا ٿي، ان جو سبب به نياز کوسو ئي هو. هو ماڻهن کي ملائڻ ڄاڻندو هو، نفرتون نه پر محبتون ورهائيندو هو.
اڄ جڏهن سندس زندگيءَ جي ورقن کي ورائيندي اکيون آليون آهن ته محسوس ٿئي پيو هن جي زندگيءَ ۾ وڏيون عمارتون، وڏيون گاڏيون يا وڏا بينڪ بيلنس نه هئا، پر هن وٽ ماڻهن جي دلين ۾ هڪ وڏو خوبصورت گهر ضرور هو.
نياز کوسو جي لاڏاڻي سان جهڏي جي صحافت هڪ بيباڪ آواز وڃائي ڇڏيو آهي. اهو خال شايد سالن تائين نه ڀرجي سگهي. نوان صحافي ايندا، نيون ٽيڪنالاجيون اينديون، نيون خبرون لکيون وينديون، پر نياز کوسي جهڙي سچائي، بي خوفي ۽ انسان دوستي هر ڪنهن جي نصيب ۾ ڪو نه هوندي.
مون لاءِ نياز کوسو رڳو هڪ صحافي نه هو. هو منهنجي صحافتي زندگيءَ جو پهريون رهنما، منهنجي قلم جو پهريون اعتماد هو. جيڪڏهن اڄ منهنجي قلم ۾ سچ لکڻ جي همت آهي ته ان همت جي پاڙ ۾ نياز کوسي جي تربيت بيٺل آهي.
ڪي ماڻهو مرندا ناهن، رڳو نظرن کان اوجهل ٿي ويندا آهن. نياز کوسو به انهن ماڻهن مان هڪ آهي. هو هاڻي خبرن جي فائيلن ۾ نه ملندو، پر هر ان لفظ ۾ زنده رهندو جيڪو مظلوم لاءِ لکيو ويندو، هر ان صحافي جي ضمير ۾ رهندو جيڪو سچ کي پنهنجو مذهب سمجهندو، ۽ هر ان شاگرد جي دل ۾ رهندو، جنهن کي هن قلم جي حرمت سيکاري هئي.
الوداع نياز کوسو… تون هليو ويو آهين، پر تنهنجي صحافت، تنهنجي انسانيت ۽ تنهنجي مرڪ جهڏي جي هوائن ۾ سدائين جيئري رهندي. تنهنجي وڇوڙي جو درد وقت شايد گهٽ ڪري، پر تنهنجي کوٽ ڪڏهن به پوري نه ٿي سگهندي. تو جهڙا ماڻهو وقت جي ڪتاب ۾ نه، تاريخ جي دل تي لکيا ويندا آهن. اسان قلم کي تو جيان سچ، انصاف ۽ انسانيت جي خدمت لاءِ استعمال ڪري سگهون. الوداع نياز کوسو الوداع