لنڊمن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي فاسٽ بالر جان ٽرنر 25 ورهين جي عمر ۾ پروفيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
جان ٽرنر 2024ع ۾ انگلينڊ طرفان ٻه ون ڊي ۽ ٻه ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچون کيڏيون هيون، جن ۾ هن ڪُل 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. هن ويسٽ انڊيز جي دوري دوران انگلينڊ جي نمائندگي ڪئي هئي.
ڪرڪ انفو جي رپورٽ موجب، ڏکڻ آفريڪا جي شهر جوهانسبرگ ۾ جنم وٺندڙ جان ٽرنر هيمپشائر سان معاهدي جا اڃا ٻه سال باقي هئا، جڏهن ته گذريل سال جي آخر تائين هو انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) جي ڊيولپمينٽ ڪانٽريڪٽ جو حصو پڻ رهيو.
جان ٽرنر گذريل سال جون کان وٺي ڪرڪيٽ نه کيڏي سگهيو هو، ڇاڪاڻ ته هو پُٺي جي انجريءَ جو شڪار هو.
پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته مسلسل انجري مسئلن کيس پنهنجي مستقبل بابت سوچڻ تي مجبور ڪيو ۽ هاڻي زندگي جي نئين مرحلي ڏانهن وڌڻ جو مناسب وقت آهي.
جان ٽرنر موجب، پروفيشنل ۽ عالمي ڪرڪيٽ کيڏڻ منهنجو خواب هو، هيمپشائر ۽ انگلينڊ لاءِ کيڏڻ منهنجي ننڍپڻ جي خوابن جي ساڀيان کان گهٽ نه هو.
هن وڌيڪ چيو ته گذريل پنج سال سندس زندگي جا بهترين سال رهيا، جنهن دوران کيس ڪلب ۽ ساٿين کان تمام گهڻي حمايت ملي.
هيمپشائر ڪرڪيٽ جي ڊائريڪٽر گائلز وائيٽ جان ٽرنر کي انتهائي باصلاحيت رانديگر قرار ڏيندي چيو ته ڪلب کي سندس رٽائرمينٽ تي افسوس آهي، پر هو مستقبل جي نئين سفر لاءِ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪن ٿا.
Next Post