ڏهه مئي کانپوءِ سڀ ڪجهه بدلجي ويو: ڀارت خلاف کيڏڻ کان انڪار، پاڪستان عالمي ڪرڪيٽ کي ڌوڏي ڇڏيو

تحرير: ڊاڪٽر نعمان نياز

عالمي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ ڪڏهن اهڙا لمحا ايندا آهن، جيڪي شور، نعرن ۽ ڊرامي سان پاڻ کي مڃرائيندا آهن ۽ ڪڏهن اهڙا لمحا به ايندا آهن، جيڪي خاموشي سان اچن ٿا ۽ ڊگهي عرصي تائين پنهنجا اثر ڇڏين ٿا.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 ۾ ڀارت خلاف ميچ تان پاڪستان جو هٿ کڻڻ وارو فيصلو ٻئي قسم سان تعلق رکي ٿو، ڇو⁠ته اهو نه ڪنهن جي ڌيان ۾ ۽ نه ئي ان کي بغاوت جو لباس پاتل هو، اهو رڳو هڪ انڪار هو ۽ ڪرڪيٽ اهڙي انداز ۾ سڌي ريت ”نه“ ٻڌڻ جي عادي ناهي رهي.
آءِ سي سي جي ترت پڌرائي اختيار کان وڌيڪ مونجهاري محسوس ٿي، جنهن ۾ هلڪي تنبيه به شامل هئي، پر ماضيءَ جي يادگيريءَ کان عجيب حد تائين الڳ نظر آئي. جڏهن⁠ ته 1996 ۾ آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز سريلنڪا ۾ ميچن تان هٿ کنيو، 2003 ۾ انگلينڊ هراري وڃڻ کان انڪار ڪيو، نيوزيلينڊ نيروبي ۾ کيڏڻ کان پاسو ڪيو ۽ 2009 ۾ زمبابوي جي ٽيم ويزا نه ملڻ سبب انگلينڊ جو دورو نه ڪري سگهي ، ان جي باوجود زمبابوي کي شرڪت جي فيس ادا ڪئي وئي. انهن مان ڪنهن به واقعي ڪرڪيٽ جي اخلاقي ڍانچي کي نه لوڏيو، نه ئي انهن کي ڪنهن وجودي خطري طور ڏٺو ويو، پوءِ اوچتو اهڙي سختي ڇو؟ جواب گھٻراهٽ ۾ لِڪل لڳي ٿو.
ميچ تان هٿ کڻڻ نه غيرقانوني آهي ۽ نه ئي ناجائز ۽ سياسي بنياد به پاڪستان ايجاد نه ڪئي، ڇو⁠ ته ڀارت پاڻ ايشيا ڪپ 2025 ۾ اهو دليل پيش ڪري چڪو هو. جڏهن آءِ سي سي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ”ڪرڪيٽ جي ايڪو سسٽم“ کي بچائڻ لاءِ نظرثاني جي اپيل ڪئي ته هڪ بنيادي سوال جواب طلب رهيو ته گذريل 18 سالن کان پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٻطرفي ڪرڪيٽ کانسواءِ آخر ڪهڙو ايڪو سسٽم زندهه رهيو آهي.
هن ڀيري پاڪستان انهيءَ راند ۾ فرمانبرداري وارو ڪردار ادا ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي سندس ڪو ڪنٽرول به نه هو ۽ اهو ئي ادارو آهي جنهن کي شاردا اوگرا ويجهڙ ” بي سي سي آءِ جي دبئي آفيس“ سڏيو هو، اهڙي راند ۾، جتي طاقت جا ڍانچا هاڻي لڪل ناهن، پاڪستان اهو پرکڻ جو فيصلو ڪيو ته اصل طاقت آخر ڪٿي بيٺل آهي.
معاشي انگ اکر واضح ڪن ٿا ته اهو فيصلو ڇو اهم آهي، ڇو ته پاڪ-ڀارت مقابلو رڳو هڪ ميچ ناهي پر هڪ اثاثو آهي ۽ ان کي هٽايو وڃي ته ان جا ترت ۽ ڀوائتا نتيجا نڪرندا، 2026 واري آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ اهڙن مقابلي کانسواءِ سڀ کان وڌيڪ نقصان اتي ٿيندو جتي سيڙپڪاري سڀ کان وڌيڪ آهي، جيو اسٽار اڪيلي ئي 911 ملين آمريڪي ڊالرن جي وابستگي ظاهر ڪئي آهي، جڏهن⁠ ته باقي دنيا جا سمورا براڊڪاسٽر گڏجي لڳ ڀڳ 60 ملين آمريڪي ڊالر ادا ڪن ٿا، جيڪو مارڪيٽ تي ڌاڪ نه پر مارڪيٽ تي انحصار ڏيکاري ٿو.
اهو دارومدار اڳ ئي ڪمزور ثابت ٿي چڪو آهي، جڏهن آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 دوران نقصانن کانپوءِ جيو اسٽار مبينا طور ٽي ارب آمريڪي ڊالر ماليت وارا آءِ سي سي حق ڇڏڻ تي غور ڪيو، پر ڪو خريدار نه مليو.
نيٺ آءِ سي سي کي هڪ ارب آمريڪي ڊالر تائين سبسڊي ڏيڻي پئي ته جيئن اسٽار انڊيا سان معاهدو برقرار رکيو وڃي ۽ جڏهن ڪو نگران ادارو پنهنجو ئي براڊڪاسٽرز کي مالي سهارو ڏئي، تڏهن نگران ۽ مفاد رکندڙن جي وچ ۾ حد گهڻو اڳ ختم ٿي چڪي هوندي آهي.
انهيءَ ڍانچي ۾ پاڪستان جي قيمت عوامي طور گهٽ ڪري پيش ڪئي ويندي آهي، پر ذاتي طور ڪڏهن به غلط نه سمجهيو ويو آهي، ڇو⁠ ته رينڪنگ بدلجي سگهي ٿي پر اهميت نه ۽ اشتهاري اگهه ڪنهن به پريس رليز کان وڌيڪ ايمانداري سان اها ڪهاڻي ٻڌائين ٿا، جتي 2017 واري چيمپئنز ٽرافي دوران ڏهه سيڪنڊن جو اشتهار 12 هزار آمريڪي ڊالر جو هو، اهو ئي 2020 ۾ 20 هزار، 2022 ۾ 25 هزار، 2023 جي ورلڊ ڪپ ۾ 36 هزار تائين پهتو ۽ هاڻي چيمپئنز ٽرافي 2025 لاءِ 45 هزار آمريڪي ڊالر تي بيٺل آهي.
رڳو هڪ ڀارت–پاڪستان ميچ ڊجيٽل طور چار کان ڇهه ملين آمريڪي ڊالر پيدا ڪري ٿي، جنهن سان گڏ اسپانسرشپ مان وڌيڪ 38 کان 45 ملين آمريڪي ڊالر حاصل ٿين ٿا.
ڏسندڙن جا انگ اکر پڻ ساڳي حقيقت ظاهر ڪن ٿا، جتي 2017 ۾ عالمي ناظر 400 ملين، 2021 ۾ 167 ملين، 2022 ۾ 265 ملين، ۽ 2023 جي ورلڊ ڪپ ۾ 173 ملين ٽي وي ۽ 225 ملين ڊجيٽل ناظر رڪارڊ ٿيا، جڏهن⁠ ته رڳو ڀارت ۾ 2021 دوران انگ اکر 15.9 ارب تائين پهتا، جيو هٽ اسٽار تي 600 ملين ڊجيٽل ناظر ۽ چيمپئنز ٽرافي لاءِ 206 ملين ٽي وي ناظر ڏٺا ويا.
مجموعي طور آءِ سي سي جي عالمي ٽورنامينٽ آمدني جو لڳ ڀڳ 63 سيڪڙو ڀارت–پاڪستان ميچن مان اچي ٿو، ڀارت اڪيلو لڳ ڀڳ 78 سيڪڙو آءِ سي سي آمدني مهيا ڪري ٿو ۽ نشرياتي آمدني جو لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو اتي پيدا ٿئي ٿو، جيڪو طاقت به آهي ۽ ڪمزوري به.
سالن کان ڪرڪيٽ ۾ هڪ ڇڪتاڻ سان جاري رهي آهي، جتي ڀارت ٻطرفي ڪرڪيٽ کان انڪار ڪري ٿو پر پاڪستان مان اميد ڪئي وڃي ٿي ته هو بنا اختلاف آءِ سي سي ٽورنامينٽس کي سهارو ڏئي. هاڻي پاڪستان ان منطق کي لفظي نه پر ڍانچي جي سطح تي چئلينج ڪيو آهي ۽ ممڪن آهي ته ان جا نتيجا مالي ڏنڊ، تڪرارن ۽ دٻائن جي صورت ۾ نڪرن، پر پاڪستان جو ڪيس ڪمزور نظر نٿو اچي، ڀلي معاملو آءِ سي سي جي تڪراري ڪميٽي تائين وڃي يا راندين جي عالمي ٽياڪڙي عدالت تائين، ڇو⁠ ته ان جو فيصلو پريس رليز ۾ نه پر ڳالهين جي ميز تي ظاهر ٿيندو.
جيڪڏهن ٻطرفي ڪرڪيٽ مستقل طور ختم آهي ته لازمي گهڻ رخي شرڪت جي اخلاقي بنياد جو دفاع وڌيڪ ڏکيو ٿيندو، اِها هڪ خاموش پر مضبوط تبديلي لڳي ٿو ۽ ڏهين مئي کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ جي اڻ ڏٺل درجا بندين تحت هلڻ ۾ دلچسپي نٿو رکي. هن ڀيري ان سسٽم کي خوش ڪرڻ بدران آزمائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هي قدم جيڪو عالمي ڪرڪيٽ جي معيشت، حڪمراني ۽ مستقبل جي توازن کي نئين سر ترتيب ڏيندو ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اها ته ڀارتي بالادستي هيٺ موجود ڍانچي ۾ ڏار نمايان ڪري ڇڏيندو، جتي بي سي سي آءِ عالمي ڪرڪيٽ کي يرغمال بڻايون ويٺو آهي.
هاڻي وقت اچي ويو آهي ته آءِ سي سي ان اثر مان ٻاهر نڪري، جيترو جلد ٿي سگهي، ان سموري سسٽم چئلينج ڪرڻ کانپوءِ بنا ڪنهن وڌاءُ جي اهو چوڻ جائز آهي: شاباش، ڏاڍو سٺو، پاڪستان.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.