پاڪستان جو خاموش وار، پي سي بي آءِ سي سي جي ٻڌڻ بدران ان کي آزمائڻ چاهي ٿو؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي ڪرڪيٽ ۾ ڪجهه فيصلا نعرا هڻي ۽ شور شرابي سان سامهون اچن ٿا، جڏهن ته ڪجهه فيصلا خاموشي سان اهڙا اثر ڇڏي وڃن ٿا، جيڪي ڊگهي عرصي تائين محسوس ڪيا وڃن ٿا ۽ آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 ۾ ڀارت خلاف ميچ مان پاڪستان جو هٿ کڻڻ به ٻئي قسم جو فيصلو آهي، جيڪو ڪنهن احتجاجي علامت يا ڊرامائي اعلان کانسواءِ رڳو هڪ واضح انڪار جي صورت ۾ سامهون آيو آهي، اهڙو انڪار جنهن ڪرڪيٽ ۾ موجود طاقت جي توازن کي بي وائکو ڪري ڇڏيو آهي.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل بيان اختيار بدران بيچيني جي علامت محسوس ٿيو، جڏهن ته ڪرڪيٽ جي تاريخ اهڙن فيصلن سان ڀري پئي آهي، جتي مختلف ٽيمن سياسي، سيڪيورٽي يا انتظامي بنيادن تي ميچ نه کيڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ انهن کي ڪڏهن به راند جي وجود لاءِ خطرو نه سمجهيو ويو.
حقيقت اها آهي ته ميچ تان هٿ کڻڻ نه غيرقانوني آهي ۽ نه ئي راند جي ضابطن جي ابتڙ آهي ۽ سياسي بنياد به نئون ناهي، ڇو ته ڀارت پاڻ ايشيا ڪپ 2025 ۾ اهڙو ئي موقف اختيار ڪري چڪو هو، ان جي باوجود پاڪستان مان اها اميد رکي ويندي هئي ته هو بنا ڪنهن اختلاف جي آءِ سي سي جي گهڻ ملڪي ڍانچي کي سهارو ڏيندو رهي، جڏهن ته گذريل 18 سالن کان ٻطرفي ڪرڪيٽ معطل آهي.
هن فيصلي جي اصل حساسيت معاشي پهلوءَ ۾ لڪل آهي، ڇو ته ڀارت-پاڪستان مقابلو رڳو هڪ راند ناهي، پر عالمي ڪرڪيٽ جي سڀ کان قيمتي ڪمرشل پراپرٽي آهي، جنهن جي غير موجودگي سان سڀ کان وڌيڪ نقصان اتي ٿئي ٿو جتي سيڙپڪاري سڀ کان وڌيڪ آهي ۽ اهوئي سبب آهي جو نشرياتي حقن، اشتهاري اگهن، ناظرين جي انگن اکرن ۽ براڊڪاسٽنگ ماڊل جو ان تي ڀاڙڻ مان معاملي جي شدت واضح ٿئي ٿي.
اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان پهريون ڀيرو هن غير متوازن سسٽم کي قبول ڪرڻ بدران آزمائڻ جو رستو اختيار ڪيو آهي، جنهن جا ممڪن نتيجا مالي دٻاءُ ۽ قانوني تڪرار ٿي سگهن ٿا، پر هي فيصلو ڪرڪيٽ جي موجوده انتظام، معاشي ڍانچي ۽ ڀارتي بالادستي تي ٻڌل اثر رسوخ کي چئلينج ڪرڻ جي هڪ سنجيده ڪوشش بڻجي چڪو آهي ۽ هن فيصلي زور شور سان اهو سوال اٿاري ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن ٻطرفي ڪرڪيٽ مستقل طور ممڪن ناهي ته لازمي گهڻ ملڪي شرڪت جي اخلاقي بنياد آخر ڪيتري دير تائين قائم رهي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.