ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ جماعت اسلامي جي احتجاج تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته هي ماڻهو جنهن کي ”قابض ٽولو“ چون ٿا، اهو عوام جي ووٽ ذريعي چونڊجي آيو آهي، جڏهن ته شهر جي وڏن روڊن تي ڌرڻن ۽ احتجاجن خلاف سختي ڪئي ويندي.
ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته حيرت آهي ته گل پلازا سانحي جي مشهوري ڪئي پئي وڃي، اعتراض انهن تي آهي جيڪي هن سانحي کي سياست لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، جڏهن ته سنڌ حڪومت سانحي جي متاثر خاندانن سان گڏ بيٺل آهي.
هن چيو ته سانحي کانپوءِ سنڌ حڪومت متاثرن جي وارثن لاءِ في ماڻهو هڪ ڪروڙ رپيا امداد جو اعلان ڪيو هو، اسان 26 گهرن ۾ وڃي ماڻهن کي چيڪ ڏنا، پر ميڊيا کي ساڻ نه کنيو.
جماعت اسلامي جي گذريل ڏينهن ڌرڻي ۽ حافظ نعيم الرحمان جي سنڌ حڪومت تي تنقيد بابت سوال تي مراد علي شاهه چيو ته جيڪي ماڻهو ”قابض ٽولو“ چون ٿا، اهو عوام جي ووٽن سان آيو آهي، عوام پيپلز پارٽي تي اعتماد ڪيو آهي.
هن چيو ته حافظ نعيم کي چوان ٿو ته يا ته صوبائي اسيمبلي ۾ اچي يا پنهنجي سيٽ خالي ڪري.
مراد علي شاهه چيو ته ڪالهه ٽي کان چار ڪلاڪ شارعِ فيصل بند رهيو، جيڪو نه ٿيڻ گهرجي، روڊ بند ٿيڻ سبب عوام کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، هاڻي وڏن روڊن تي ڌرڻن ۽ احتجاجن تي سختي ڪنداسين.
هن چيو ته مون به حافظ نعيم الرحمان جو ڌرڻو هڻڻ وارو بيان ٻڌو آهي، حافظ نعيم الرحمان کي سنڌ اسيمبلي جي سيٽ ملي آهي، هو پنهنجي تڪ جي عوام جو خيال ڪري نه ته سيٽ ڇڏي ڏيئي ته جيئن تڪ جا ماڻهو نمائندگي کان محروم نه رهن.