نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان طرفان ڀارت خلاف ميچ نه کيڏڻ واري معاملي تي ڀارتي ميڊيا پاڪستان خلاف پابندين جو پروپيگنڊا شروع ڪري ڇڏي آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، پاڪستان طرفان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت سان نه کيڏڻ واري فيصلي کانپوءِ اڄ آءِ سي سي جي ورچوئل بورڊ ميٽنگ ٿيندي.
ميڊيا رپورٽن موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي کي باضابطا فيصلي کان آگاهه ناهي ڪيو، آءِ سي سي اجلاس ۾ پاڪستان کي ٽورنامينٽ کيڏڻ جي اجازت ڏيڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو.
ڀارتي ميڊيا جي دعويٰ آهي ته پاڪستان کي ڀارت خلاف نه کيڏڻ سبب پابندين ۽ نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، جڏهن ته پاڪستاني ٽيم تي ايندڙ ٽورنامينٽ لاءِ به امڪاني طور پابندي لڳائي سگهجي ٿي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي مالي طور ڳري ڏنڊ جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو ۽ آءِ سي سي جا ٽاپ ميمبر پاڪستان سان ٻطرفي سيريز کيڏڻ کان انڪار ڪري سگهن ٿا.
رپورٽن موجب، پاڪستان سپر ليگ ۾ موجود غير ملڪي رانديگرن جي شرڪت تي به پابندي لڳائي سگهجي ٿي، جڏهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کان براڊڪاسٽر جي نقصان جو ازالي جو مطالبو به ڪري سگهجي ٿو.
ياد رهي ته آچر ڏينهن حڪومت پاڪستان ٽيم کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ کيڏڻ جي اجازت ڏني هئي، جڏهن ته حڪومت پاڪستان 15 فيبروري تي ڀارت خلاف ميچ نه کيڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔