حيران ۽ پريشان ٿيڻ جي ڪا ضرورت ناهي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جڏهن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي جيل مان اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته حڪمران جماعت جي هڪ سينيٽر صاحب روئڻي صورت بڻائي چيو ته نواز شريف خلاف ٻيهر سازش شروع ٿي وئي آهي. مسلم ليگ (ن) جي هڪ ٻئي اڳواڻ هڪ ٽي وي چينل تي بوکلائجي پاڻ کي تسلي ڏيندي چيو ته عمران خان کي رڳو ضمانت ملي آهي، آزادي ناهي ملي. هن چيو ته عمران خان کي انهن ئي عدالتن علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جن تي تحريڪ انصاف وارا سخت تنقيد ڪندا هئا. وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي خلاف نظرثاني جي اپيل داخل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. حڪمران جماعت جا وزير پنهنجي پريشاني لڪائڻ لاءِ ٽي وي ڪئميرائن آڏو قوم کي ياد ڏياري رهيا آهن ته عمران خان سزا يافته ڏوهاري آهي. جيڪڏهن هر سزا يافته ڏوهاري کي عدالتن مان اهڙي ئي رعايت ملڻ لڳي ته پوءِ اسپتالن ۾ سزا يافته قيدين لاءِ بسترا گهٽ پئجي ويندا. هر وزير جو بيان ٻئي کان مختلف نظر اچي ٿو.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عمران خان کي القادر ٽرسٽ ڪيس ۽ توشه خانه ڪيس ۾ سزائون ٻڌايون ويون آهن. ڇا اهڙي ئي سزا نواز شريف کي العزيزيا اسٽيل ملز ڪيس ۾ نه ٻڌائي وئي هئي؟ اڄ عمران خان بابت مسلم ليگ (ن) جي وزيرن جا بيان ٻڌي مون کي نواز شريف بابت تحريڪ انصاف جي اڳوڻن وزيرن جا بيان ياد اچي رهيا آهن. عمران خان سميت سندس ڪيترائي وزير چيو ڪندا هئا ته نواز شريف سزا يافته ڏوهاري آهي ۽ ان سزا يافته ڏوهاري جي تصوير ٽي وي چينلن تي نظر نه اچڻ گهرجي. مون کي ياد آهي ته هڪ ڀيري مون گستاخي ڪندي ٽي وي اسڪرين تي نواز شريف جي تصوير نه ڏيکارڻ واري حڪم تي تنقيد ڪئي ته تحريڪ انصاف جي ڪيترن ئي حامين مون تي طرح طرح جا الزام لڳائي ڇڏيا هئا. اڄڪلهه عمران خان جي تصوير ٽي وي اسڪرين تي نٿي ڏيکاري سگهجي. جڏهن مان ان فيصلي تي تنقيد ڪندو آهيان ته مسلم ليگ (ن) وارا به پاڻ کان ٻاهر ٿي ويندا آهن.
وطن عزيز ۾ هر لمحي تاريخ پاڻ کي ورجائيندي رهي ٿي. اڄ هڪ سزا يافته ڏوهاري کي عدالت مان رعايت ملڻ تي مسلم ليگ (ن) جي دوستن جي پريشاني سمجهه کان ٻاهر آهي. ڇا عدالتن مان اهڙي ئي رعايت نواز شريف کي نه ملندي رهي آهي؟ جيڪڏهن عمران خان کي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ 14 سال قيد جي سزا ملي ته ڇا نواز شريف کي العزيزيا اسٽيل ملز ڪيس ۾ ست سال قيد جي سزا نه ملي هئي؟ ڇا ان سزا باوجود عدالتن نواز شريف کي جيل مان اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم نه ڏنو هو؟ ڇا انهن ئي عدالتن ڪجهه طبي رپورٽن کي سامهون رکندي نواز شريف کي علاج لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه ڏني هئي؟ ڇا ان کان اڳ ڪا اهڙي مثال موجود هئي ته ڪنهن سزا يافته ڏوهاري کي علاج لاءِ لنڊن وڃڻ جي اجازت ڏني وئي هجي؟
عدالت نواز شريف کي رڳو چئن هفتن لاءِ لنڊن وڃڻ جي اجازت ڏني هئي. ان وقت مون کان مختلف ٽي وي چينلن تي پڇيو ويندو هو ته ڇا نواز شريف چئن هفتن کان پوءِ واپس ايندو؟ منهنجو جواب هوندو هو ته ها، هو ضرور واپس ايندو، ڇو ته هاڻي هو اڳ وارو نواز شريف نه رهيو آهي. ايندڙ سوال هوندو هو ته جيڪڏهن هو واپس نه آيو ته پوءِ توهان ڇا ڪندا؟ منهنجو جواب هوندو هو ته مان ڇا ٿو ڪري سگهان، مان ته رڳو هڪ صحافي آهيان. جيڪڏهن نواز شريف واپس نه آيو ته پوءِ مان سندس واعدي خلاف ورزي تي تنقيد جو حق محفوظ رکندس. افسوس، نواز شريف چئن هفتن اندر واپس نه آيو، نه ئي هن مون جهڙي بيوقوف کي ڪا وضاحت ڏيڻ ضروري سمجهي. بعد ۾ اسان کي ٻڌايو ويو ته جن طبي رپورٽن جي بنياد تي پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد نواز شريف کي ٻاهرين ملڪ موڪلڻ جي سفارش ڪئي هئي، اهي رپورٽون جنرل فيض حميد تيار ڪرايون هيون. نواز شريف جي لنڊن وڃڻ کان ڪجهه عرصي پوءِ جڏهن مسلم ليگ (ن) جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي حمايت ڪئي ته سڄي ڪهاڻي سمجهه ۾ اچي وئي ۽ اسان ڪيترن ئي ڏينهن تائين پنهنجي بيوقوفيءَ تي پاڻ کان منهن لڪائيندا رهياسين. پوءِ نواز شريف ان وقت وطن واپس آيو، جڏهن عمران خان وزيراعظم هائوس کان اڊيالا جيل پهچي چڪو هو. ڪجهه ئي ڏينهن اندر نواز شريف ۽ سندس پٽن خلاف سمورا ڪيس اهڙي طرح غائب ٿي ويا، جيئن گڏهه جي مٿي تان سڱ غائب ٿي ويندا آهن.
عرض رڳو ايترو ڪرڻو آهي ته عمران خان کي سپريم ڪورٽ جيل مان اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ان عدالتي فيصلي تي ڪجهه پريشان نظر اچي رهي آهي. وساري نه ڇڏيو ته هي اسلامي جمهوريه پاڪستان آهي. هتي وقت بدلجڻ ۾ دير نٿي لڳي. جيڪڏهن پاڪستان جون عدالتون العزيزيا ڪيس ۾ نواز شريف جي سزا ختم ڪري سگهن ٿيون ته اهڙو ئي ”سانحو“ القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ به پيش اچي سگهي ٿو.
تحريڪ انصاف کي عدالتن مان تمام گهڻيون اميدون نه رکڻ گهرجن. عمران خان کي وڌيڪ رعايتون ڏيارڻيون آهن ته پوءِ اهو ئي ڪجهه ڪرڻو پوندو، جيڪو مسلم ليگ (ن) نواز شريف لاءِ ڪيو هو. مسلم ليگ (ن) نواز شريف کي رعايتون ڏيارڻ لاءِ سڀ کان پهرين بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ جمهوريت جي ٻين ديوانن کي گڏ ڪيو ۽ پي ڊي ايم جي نالي سان مخالف ڌر جو اتحاد ٺاهيو. پوءِ ان مخالف ڌر جي اتحاد مختلف شهرن ۾ جلسا ڪيا.
انهن جلسن ۾ مريم نواز گم ٿيل ماڻهن جي مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن کي ڀاڪر پائيندي هئي. هوءَ گم ٿيل صحافي مدثر نارو جي پٽ جي تصوير سماجي رابطن واري ميڊيا تي پوسٽ ڪندي هئي. اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي سمي دين بلوچ سان گڏ ڌرڻو به ڏيندي هئي. پوءِ وقت بدلجڻ شروع ٿيو ۽ عمران خان خلاف بي اعتماديءَ جي تحريڪ آندي وئي، جنهن ۾ اصل ڪردار آصف علي زرداري جو هو. اڄڪلهه مسلم ليگ (ن) آصف زرداري کي ايوان صدر مان ڪڍڻ جا منصوبا ٺاهي رهي آهي.
2022ع ۽ 2026ع ۾ وڏو فرق آهي. 2022ع ۾ رياستي ادارا هڪ ٻئي سان ٽڪراءَ ۾ هئا. 2026ع ۾ رياستي ادارن وچ ۾ اهڙو ٽڪراءُ نظر نٿو اچي. البت نون صوبن جي بحث هڪ هلچل مچائي ڇڏي آهي. ان هلچل دوران عمران خان کي رعايت ملي وئي آهي. مسلم ليگ (ن) کي هن هلچل ۾ واضح موقف اختيار ڪرڻو پوندو، ٻي صورت ۾ پريشانيون وڌنديون. عمران خان کي مليل رعايت في الحال رڳو هڪ عدالتي فيصلو آهي، پر مسلم ليگ (ن) جي هڪ سينيٽر ان عدالتي فيصلي جي پٺيان ڪنهن سازش جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي. سينيٽر صاحب کي گذارش آهي ته هر جج کي ارشد ملڪ نه سمجهن. هر جج جي وڊيو نٿي ٺهي سگهي. اهڙي قسم جا بيان مسلم ليگ (ن) کي ڪنهن اونهي کاهيءَ ۾ ڌڪي سگهن ٿا.
2019ع ۾ ڪو تصور به نه ڪري سگهيو هو ته هڪ سزا يافته ڏوهاري نواز شريف جيل مان ٻاهر اچي ويندو ۽ سندس سزا ختم ٿي ويندي. جيڪڏهن نواز شريف جيل مان ٻاهر اچي سگهي ٿو ته پوءِ ڪو ٻيو به ٻاهر اچي سگهي ٿو. پاڪستان جو اصل مسئلو اهو آهي ته اسان جا اڳواڻ جيل ته هليا وڃن ٿا، پر پنهنجي غلطين مان سبق نٿا سکن ۽ بار بار ڊيل ڪري وٺن ٿا. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته هن ڀيري ڪا ڊيل ٿئي ٿي يا نه؟