مير رضا جي خون سان انصاف لاءِ احتجاج جاري، وفاقي ڳجهي اداري پاران جاچ شروع

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي نوجوان واپاري مير رضا جي مبينا قتل ڪيس ۾ سنڌ پوليس جي جاچ ۾ ناڪامي ۽ اڳڀرائي بابت اٿندڙ سنگين سوالن کان پوءِ وفاقي ڳُجهو ادارو به متحرڪ ٿي ويو، مير رضا جي والدين پاران وڏي وزير کي خط لکي ۽ وزيراعظم کي سڌي مداخلت ۽ سهڪار جي اپيل کان پوءِ وفاقي ڳجهي اداري معاملي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺندي واقعي جي اصل محرڪن ۽ پردي پٺيان لڪيل حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ لاءِ باقاعده جاچ شروع ڪري ڇڏي، ذريعن موجب وفاقي حساس اداري پوليس طرفان هن وقت تائين ڪيل سموري جاچ ۽ گڏ ڪيل شاهدين جو ٻيهر جائزو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڳجهي اداري اپران جاچ ٽيم کان ڪيس سان لاڳاپيل سموريون سي سي ٽي وي فوٽيجز جو مڪمل ۽ اصل رڪارڊ پڻ طلب ڪيو ويو، ان کان سواءِ پوليس اختيارين کان شاهدين ۽ هينئر تائين ٿيندڙ اڳڀرائي بابت سمورا تفصيل پڻ طلب ڪيا ويا آهن، جيئن اڳوڻي جاچ دوران رهجي ويل خامين جي نشاندهي ڪري سگهجي، جاچ کي اڳتي وڌائيندي وفاقي اداري مير رضا جي اسمارٽ واچ مان حاصل ٿيل رڪارڊ، موبائل فون جو ڊيٽا ۽ فرانزڪ تفصيل پڻ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعي جي جيو فينسنگ جو مڪمل رڪارڊ حاصل ڪري، واقعي واري وقت اتي موجود سمورن مشڪوڪ نمبرن کي فلٽر ڪيو ويو، سي سي ٽي وي فوٽيج، اسمارٽ واچ، موبائل رڪارڊ ۽ جيو فينسنگ مان حاصل ٿيل ڊيٽا کي نئين جاچ جو اهم حصو بڻايو ويو آهي، جڏهن ته ڪيس جي اڳڀرائي دوران مير رضا جي لاش جو پهريون پوسٽ مارٽم ڪندڙ ميڊيڪو ليگل آفيسر ڊاڪٽر اسامه کان به جاچ ٽيم 5 ڪلاڪن کان وڌيڪ تفصيلي پڇا ڳاڇا ڪئي، پڇا ڳاڇا دوران پهرين پوسٽ مارٽم جي شفافيت ۽ ان بابت موجود شڪ شبهن تي سوال ڪيا ويا، ذريعن موجب ڊاڪٽر اسامه کي مستقبل ۾ به جاچ واري عمل ۾ سهڪار ڪرڻ جو پابند ڪيو ويو، ٻئي پاسي ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي نوجوانن جي گروپ مير رضا جي خون سان انصاف لاءِ احتجاج تيز ڪري ڇڏيو، وڏي انگ ۾ روزانو شهري، سياسي سماجي اڳواڻ، شاگرد ۽ شاگردياڻيون پهچڻ لڳيون، واقعي کان پوءِ نوجوانن جي هڪ گروپ ڪراچي جي مصروف ترين شاهراهه فيصل تي احتجاجي ڌرڻو هڻي رهيو آهي، احتجاج ڪندڙن جو تعلق ڪنهن سياسي جماعت سان نه هو ۽ نه ئي انهن وٽ سياسي نعرا هئا، پر اهي 25 ورهين جي نوجوان ڪاروباري شخصيت مير رضا علي جا دوست هئا، جيڪو هڪ پرتشدد واقعي ۾ حياتي وڃائي ويٺو ۽ سندس موت جو معمو اڃا تائين حل نه ٿي سگهيو، ڪالهه به مير رضا جي دوستن ۽ ٻين احتجاج جاري رکيو، مير رضا علي جي دوستن ۽ احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪئي وڃي، احتجاج ڪندڙ مير رضا علي جي نالي سان نعرا هڻي انصاف جي گهر ڪندا  رهن ٿا، نوجوانن جو چوڻ آهي ته جاچ کي ٻيهر خودڪشي واري رخ ڏانهن موڙيو پيو وڃي، مير رضا علي جي موت واري معاملي تي مشهور شخصيتن، سياسي اڳواڻن ۽ انساني حقن سان لاڳاپيل تنظيمن به آواز اٿاريو، اداڪارن شجاع اسد ۽ ماهرا خان سميت مختلف ماڻهن انصاف جو مطالبو ڪيو، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته سندن مطالبو صرف مير رضا علي لاءِ انصاف ناهي، پر اهو پيغام پڻ آهي ته شهرين جي جان ۽ انصاف سان ڪنهن به قسم جي سودي بازي نه ڪئي ويندي.

You might also like