ڪراچي (رپورٽر) مير رضا علي ڪيس ۾ ثبوت ۽ شاهديون اهو چون ٿيون ته مير رضا علي کي قتل ڪيو ويو آهي، پر پوءِ به سنڌ پوليس جي سئي خودڪشي تي آخر ڇو اٽڪيل آهي؟ ان بابت سوال اٿي رهيا آهن ته سنڌ پوليس هن ڪيس کي ڇو حل نٿي ڪري سگهي يا وري حل ڪرڻ نٿي چاهي، ڪيس جي سلسلي ۾ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي مير رضا ڪيس جي وڪيل جبران ناصر چيو ته پوليس بار بار اسڪوائر ون (پهرئين درجي) تي ڇو پئي وڃي، مطلب جهڙي طرح سان مير رضا جي مڱيندي کان سوال ٿيا، خودڪشي ئي آخر سندن پهريون ڪلو (اشارو) ڇو آهي؟ منهنجي خيال ۾ ان ڳالهه کي مڃڻ نٿا چاهيون ته پوليس جي اعليٰ اختيارين جي ڄاڻي واڻي مان غفلت نه چوندس، ڄاڻي واڻي ڪارروائي جي ڪري جيڪا هنن ڪئي ۽ ان کي اسان مجرماڻي رويو (ڪرمنل ڪنڊڪٽ) سمجهون ٿا جنهن جي ڪري جاچ کي ناقابل تلافي نقصان پهتو آهي ۽ ڪيترائي ثبوت اهڙا آهن جيڪي هاڻي رڪارڊ تي يا سامهون ناهن ته شايد هو بي خبر آهن ته ڪنهن ڇا ڪيو آهي، پر مان سمجهان ٿو ته سندن اهو زاوية ۽ اهو طريقو به غلط آهي، جيو فينڊسنگ آهي، سي ڊي آر آهي، سيفتي ڪيمرا آهن، اوهان نوان جديد هاءِ پڪسل ڪئمرائون لڳايا آهن جنهن تي اوهان اهو ڏسي وٺندا آهيو ته شخص سيٽ بيلٽ پاتو آهي يا نه ۽ چالان ڪري ڇڏيندا آهيو، هو موبائيل استعمال ڪري رهيو آهي يا نه، فيشل ريڪنگنيشن جي سڃاڻپ جا سافٽ ويئر آهن، جيڪا غفلت آهي ان مٿان پردو وجهي ڇڏڻ ۽ جيڪا مجرماڻي ڪارروائي آهي، جيڪو قدم آهي پچھلي جاچ ٽيم جو جنهن ۾ سينئر عملدار شامل آهن، انهن تي ۽ ڏسو ان جيڪا پهرين غفلت هئي نا ان جي اونرشپ تمام سينئر ليول تائين ورتي وئي، هتي تائين جو گهرو وزير صاحب به جيڪو آهي، اهو پوليس جي حق ۾ بيهي رهيو ۽ پوليس سرجن مٿان تنقيد ڪئي، سنڌ پوليس جي سُئي رڳو خودڪشي تي اٽڪيل آهي.