واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته ايران سان نئين مرحلي جون ڳالهيون اڄ (سومر) کان شروع ٿينديون. ٽرمپ جو اهو بيان ايران تي رٿيل حملا رد ڪرڻ بابت گذريل رات ڪيل سندس علان کانپوءِ سامهون آيو آهي.
هن چيو ته آبناءِ هرمز بابت هن وقت هڪ معاهدو موجود آهي، جڏهن ته ايران جي جوهري هٿيارن تان هٿ کڻڻ بابت به هڪ معاهدو حاصل ڪيو ويندو.
آچر ڏينهن صدارتي جهاز ايئرفورس ون ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ”ظاهر آهي ايران حملن جو نشانو بڻجڻ نٿو چاهي. هو حملي جي شدت کان واقف هئا، ڇاڪاڻ ته هو ان جون تياريون ڏسي رهيا هئا، هاڻي اسان انهن سان ڳالهائي رهيا آهيون ۽ اهي ڳالهيون اڄ منجهند (سومر) کان شروع ٿينديون.“
You might also like