پيپلزپارٽي کي نتيجا رد ڪري چونڊن جي ٽئين مرحلي جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي: راجا پرويز اشرف

پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيو آهي ته آزاد ڪشمير جون چونڊون ملڪ کي وڌيڪ بحران ڏانهن ڌڪي رهيون آهن.

هن الزام هنيو ته اليڪشن ڪميشن مخالف پارٽي جي اثر هيٺ ڪم ڪري رهي آهي ۽ سڄي معاملي جو ذميوار چيف اليڪشن ڪمشنر آهي. سندس چوڻ هو ته اهڙين حالتن ۾ ٺهندڙ اسيمبلي عوام جا مسئلا حل نٿي ڪري سگهي.

راجا پرويز اشرف چيو ته جيڪڏهن چونڊون شفاف نه آهن ته انهن جا نتيجا قبول نه ڪيا ويندا. هن پنهنجي ذاتي راءِ ڏيندي چيو ته پيپلزپارٽي کي نتيجا رد ڪري چونڊن جي ٽئين مرحلي جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته آخري فيصلو پارٽي جي مرڪزي قيادت ڪندي.

پيپلزپارٽي جي سيڪريٽري جنرل نير بخاري چيو ته آزاد ڪشمير جون چونڊون غيرشفاف ۽ ڌانڌلي تي ٻڌل آهن، تنهن ڪري پارٽي نتيجا قبول نه ڪندي.

پارٽي اڳواڻ نديم افضل چن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ “فارم 47” جهڙي چونڊ نظر اچي رهي آهي ۽ اليڪشن ڪميشن جو ڪردار هاڻي مشڪوڪ بڻجي ويو آهي.

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو ته اهڙين چونڊن مان ٺهندڙ حڪومت جي ڪا به ساک نه هوندي، سندن دعويٰ آهي ته آزاد ڪشمير جون چونڊون کانئن کسيو ويون آهن.

You might also like