آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ پولنگ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ غيرحتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. مظفرآباد ڊويزن جي 8 تڪن ۽ مهاجرن جي 12 مخصوص سيٽن تي ووٽنگ ٿي، جڏهن ته ايل اي-27 ۾ خراب موسم ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب 196 پولنگ اسٽيشنن تي چونڊون ملتوي ڪيون ويون.
هينئر تائين ملندڙ غيرحتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن موجب مسلم ليگ (ن) 4 تڪن تي ڪاميابي ماڻي آهي ۽ 11 تڪن ۾ اڳتي آهي، جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي هڪ تڪ کٽيو آهي ۽ 4 تڪن ۾ برتري حاصل ڪئي آهي.
مڪمل نتيجا سامهون آيل تڪن ۾ ايل اي-37 ڄمون 4 تان مسلم ليگ (ن) جي مريم جاويد 28,664 ووٽن سان ڪامياب ٿي، ايل اي-42 ڪشمير ويلي 3 تان سيد شوڪت علي شاهه، ايل اي-43 ڪشمير ويلي 4 تان محمد ياسين لون ۽ ايل اي-44 ڪشمير ويلي 5 تان محمد احمد رضا قادري به مسلم ليگ (ن) جي ٽڪيٽ تي ڪامياب ٿيا، جڏهن ته ايل اي-45 ڪشمير ويلي 6 تان پاڪستان پيپلزپارٽي جي عبدالماجد خان 3,448 ووٽن سان ڪاميابي حاصل ڪئي. ٻين ڪيترن ئي تڪن ۾ ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي ۽ غيرحتمي نتيجن موجب مسلم ليگ (ن) کي واضح برتري حاصل آهي.