جنجهٽ ختم! پيٽ جي چرٻي گهٽائڻ لاءِ هفتي ۾ هڪ ڀيرو سولو ڪم ڪيو

پيٽ ۽ چيلهه جي چوڌاري گڏ ٿيندڙ چرٻي کي طبي ٻوليءَ ۾ وِسرل فيٽ (Visceral Fat) چيو ويندو آهي.

پيٽ جي چرٻي جسم جي سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ چرٻي سمجهي ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته اها جسم جي اهم عضون کي گهيري وٺندي آهي.

هن چرٻي سبب دل جي بيمارين، ذيابطيس ۽ ٻين سنگين طبي مسئلن جو خطرو وڌي ويندو آهي.

عام طور ماڻهو هن چرٻي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻيون ڪوششون ڪندا آهن، پر گهڻا ماڻهو ان ۾ ڪامياب ناهن ٿيندا.

سٺي ڳالهه اها آهي ته هڪ نئين تحقيق موجب پيٽ جي چرٻي گهٽائڻ لاءِ هر روز سخت ورزش ڪرڻ ضروري ناهي، پر رڳو هفتي ۾ رڳو هڪ ڀيرو مخصوص انداز سان تيز هلڻ به فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو.

اهڙي ڳالهه هانگ ڪانگ ۾ ٿيل هڪ نئين طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

هانگ ڪانگ يونيورسٽي جي محققن موجب، هفتي ۾ هڪ ڀيرو تيز رفتاري سان چهل قدمي ڪرڻ سان جسم جي چرٻي گهٽائڻ ۽ دل ۽ ڦڦڙن جي صحت (Cardiorespiratory Fitness) بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي ٿي.

هن تحقيق ۾ 315 ٿولهه جو شڪار ماڻهن کي ڪلينڪل ٽرائل ۾ شامل ڪيو ويو.

سيپٽمبر 2021ع کان سيپٽمبر 2024ع تائين جاري رهندڙ هن مطالعي دوران شرڪت ڪندڙن کي ٽن گروپن ۾ ورهايو ويو.

پهريون گروپ هفتي ۾ هڪ ڀيرو تيز رفتاري سان هلندو هو، جڏهن ته ٻيو گروپ هفتي ۾ ٽي ڀيرا ساڳي ورزش ڪندو هو. ٽيون گروپ اهڙن ماڻهن تي ٻڌل هو، جيڪي اها ورزش نه ڪندا هئا.

ورزش ڪندڙ ٻنهي گروپن جا شرڪت ڪندڙ هر هفتي گڏيل طور مقرر وقت تائين جسماني سرگرمي ڪندا هئا، جڏهن ته ٽئين گروپ کي هر ٻن هفتن بعد لڳ ڀڳ اڍائي ڪلاڪن جي صحت بابت تعليمي سيشن ۾ شامل ڪيو ويندو هو.

محققن شرڪت ڪندڙن جي جسماني چرٻي ٽرائل جي شروعات ۾، 16 هفتن کانپوءِ ۽ پوءِ 32 هفتن کانپوءِ ماپي.

تحقيق مان خبر پئي ته 16 هفتن کانپوءِ هفتي ۾ هڪ ڀيرو ۽ ٽي ڀيرا تيز هلندڙ ٻنهي گروپن ۾ لڳ ڀڳ هڪجهڙي بهتري نظر آئي.

يعني ٻنهي گروپن ۾ جسماني چرٻي تقريباً هڪجهڙي حد تائين گهٽ ٿي ۽ دل ۽ ڦڦڙن جي ڪارڪردگي به بهتر ٿي.

محققن چيو ته جيتوڻيڪ عام طور هفتي ۾ ڪيترائي ڀيرا ورزش ڪرڻ جي صلاح ڏني ويندي آهي، پر هن تحقيق مان ظاهر ٿيو آهي ته هفتي ۾ صرف هڪ ڀيرو تيز رفتاري سان چهل قدمي ڪرڻ سان به جسماني چرٻي ۾ اهڙي ئي گهٽتائي اچي سگهي ٿي، جهڙي ٽي ڀيرا ورزش ڪرڻ سان اچي ٿي.

هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن لاءِ پيٽ نڪرڻ کانپوءِ روزانو يا بار بار ورزش کي معمول بڻائڻ ڏکيو هجي، ته هو هفتي ۾ رڳو هڪ ڀيرو به اها سرگرمي ڪري جسماني چرٻي گهٽائڻ ۾ فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو.

تحقيق ۾ شامل چهل قدمي جو طريقو اهو هو ته ماڻهو پهرين ڪجهه دير تيز رفتاري سان هلندا هئا، پوءِ عام رفتار سان هلندا هئا ۽ ان کانپوءِ ٻيهر تيز رفتاري سان چهل قدمي ڪندا هئا.

هن تحقيق جا نتيجا سائنسي جرنل نيچر ڪميونيڪيشنز (Nature Communications) ۾ ڇپيا آهن.

You might also like