ڇا توهان کي ڳجهارتون حل ڪرڻ اينديون آهن؟ جيڪڏهن ها، ته هن دلچسپ ڳجهارت کي حل ڪري ڏيکاريو.
هي گجهارت توهان جي ذهانت، مشاهدي جي صلاحيت ۽ فيصلو ڪرڻ جي قابليت جو امتحان وٺي ٿي.
مٿي ڏنل تصوير کي غور سان ڏسو ۽ ٻڌايو ته ان ۾ موجود ٽن ماڻهن مان غريب ڪير آهي؟
تصوير ۾ ٽي ماڻهو جهاز ۾ سفر ڪري رهيا آهن، جن مان ٻه مرد ۽ هڪ عورت آهي. توهان کي اندازو لڳائڻو آهي ته انهن مان غريب شخص ڪير آهي.
هي رڳو عام ڳجهارت نه، پر هڪ ننڍڙو آءِ ڪيو (IQ) ٽيسٽ به آهي، جنهن سان توهان جي مشاهدي ۽ تجزئي جي صلاحيت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
توهان کي صرف 30 سيڪنڊن اندر جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي.
جواب ڏيڻ کان اڳ تصوير کي ڌيان سان ڏسو، ڇو ته هن جو جواب توهان جي سامهون ئي موجود آهي، رڳو غور سان مشاهدو ڪرڻ جي ضرورت آهي.
هاڻي ٻڌايو، انهن ٽن ماڻهن مان غريب ڪير آهي؟
- اخبار پڙهندڙ شخص،
- وچ ۾ ويٺل اسمارٽ فون هٿ ۾ جهليل عورت،
- يا ليپ ٽاپ ڏسندڙ شخص؟
جيڪڏهن توهان جواب نه ڏئي سگهيا آهيو، ته هن ڳجهارت موجب اخبار پڙهندڙ شخص کي غريب قرار ڏنو ويو آهي.
دعويٰ موجب سندس هنج ۾ رکيل جيڪٽ کي غور سان ڏسڻ سان هيٺان هڪ ليبل نظر اچي ٿو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اها جيڪٽ پوليسٽر جي ٺهيل آهي، جنهن کي سستي نقل سمجهيو ويو آهي، تنهن ڪري نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته اهو شخص غريب آهي.