مصر جا اهرام ٺهيا ڪيئن؟ ماهرن نيٺ هڻي هنڌ ڪيو!

صديون پراڻا مصر جا اهرام ڊگهي عرصي کان ماڻهن ۽ سائنسدانن جي دلچسپي جو مرڪز بڻيل آهن.

سائنسدانن لاءِ اهو سوال هميشه هڪ معمو رهيو آهي ته هزارين سال اڳ قديم مصر ۾ ايترا وڏا اهرام آخر ڪيئن تعمير ڪيا ويا. هاڻي هڪ نئين تحقيق ان سوال جو ممڪن جواب پيش ڪيو آهي.

اڳ ۾ اهو خيال ظاهر ڪيو ويندو هو ته وڏن پٿرن کي رسيُن ۽ سليج (هڪ قسم جي گاڏي) جي مدد سان اهرامن جي مٿين حصن تائين پهچايو ويندو هو.

هاڻي درياءِ نيل جي ويجهو اهڙا آثار مليا آهن، جيڪي ظاهر ڪن ٿا ته قديم مصري ماهرن گيزا جي عظيم هرم جي تعمير کان ڪيترائي صديون اڳ ئي جديد تعميراتي طريقن ۾ وڏي مهارت حاصل ڪري ورتي هئي.

آثارِ قديمه جي ماهرن درياءِ نيل جي اوڀرئين ڪناري ڀرسان لڳ ڀڳ پنج هزار سال پراڻي قبرستان جهڙي ماڳ جي کوٽائي ڪئي، جتي ٻن قديم مقبرن جا آثار مليا. انهن مقبرن جو تعميراتي انداز انکانپوءِ تعمير ٿيل مصر جي اهرامن سان گهڻي حد تائين ملي ٿو.

انهن مقبرن جون ڀتيون هيٺان وڌيڪ ٿلهيون ۽ مٿي ويندي آهستي آهستي سوڙهيون ٿين ٿيون، جنهن سبب عمارتن کي وڌيڪ مضبوطي ۽ استحڪام حاصل ٿيو.

ساڳئي قسم جي تعميراتي ٽيڪنڪ انکانپوءِ ڏاڪڻ جهڙن اهرامن ۽ ٻين وڏن اهرامن جي تعمير ۾ پڻ استعمال ڪئي وئي.

محققن پٿرن ۽ ڪاٺ جي ڪٽائي جا قديم طريقا به دريافت ڪيا، جيڪي انهن مقبرن جي تعمير دوران استعمال ڪيا ويا هئا.

اهي مقبرا مصر جي علائقي جبل الطير (Jabal al-Tayr) ۾ مليا آهن، جتي هزارين سالن کان ماڻهن کي دفن ڪيو ويندو رهيو آهي.

محققن موجب انهن مقبرن جو انداز مصر جي قديم ترين شهرن مان هڪ ابيدوس جي بادشاهن جي مقبرن سان پڻ مشابهت رکي ٿو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهرامن جي تعمير کان گهڻو اڳ جديد تعميراتي ڄاڻ سڄي مصر ۾ ڦهليل هئي.

تحقيق ڪندڙن جو چوڻ آهي ته اهي مقبرا تجرباتي تعميراتي مرحلن جي عڪاسي ڪن ٿا، جن کانپوءِ مصر ۾ عظيم اهرامن جي تعمير جو سلسلو شروع ٿيو.

شروعاتي جائزي مان خبر پئي آهي ته انهن مقبرن ۽ مصر جي پهرين شاهي خاندان جي اهرامن جو تعميراتي انداز هڪٻئي سان تمام گهڻو مشابهت رکي ٿو.

مصر جو پهريون شاهي خاندان لڳ ڀڳ 3100 ق.م ۾ حڪومت ڪندو هو.

مصر جي سياحت واري وزير شريف فتحي موجب، هن نئين دريافت سان محققن کي اهو سمجهڻ ۾ مدد ملندي ته قديم مصر جي تاريخ دوران تعميراتي فن ڪيئن ارتقا ڪندو رهيو.

ان کان اڳ مئي 2024ع ۾ ڇپيل هڪ تحقيق ۾ ماهرن صحرا جي هيٺان دٻيل درياءِ نيل جي هڪ قديم شاخ دريافت ڪئي هئي، جيڪا هزارين سال اڳ 30 کان وڌيڪ اهرامن جي ڀرسان وهندي هئي.

هن دريافت سان اهو معمو به گهڻي حد تائين حل ٿيو ته قديم مصري ايترا ڳرا پٿر اهرامن جي تعمير واري هنڌ تائين ڪيئن پهچائيندا هئا.

تحقيق موجب درياءَ جي اها شاخ لڳ ڀڳ 40 ميل ڊگهي هئي ۽ ڪنهن زماني ۾ گيزا جي عظيم هرم سميت ٻين اهرامن جي ڀرسان وهندي هئي، پر انکانپوءِ صحرا ۽ زرعي زمين هيٺ لڪي وئي.

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته درياءَ جي موجودگي سبب ئي 4700 کان 3700 سال اڳ ان وادي ۾ 31 اهرام تعمير ڪيا ويا، جيڪا اڄ هڪ ويران صحرائي پٽي بڻجي چڪي آهي.

هي وادي مصر جي قديم گادي واري شهر ممفس جي ويجهو واقع آهي، جتي گيزا جو عظيم هرم پڻ موجود آهي، جيڪو دنيا جي قديم ستن عجوبن مان واحد عجوبو آهي، جيڪو اڄ تائين سلامت بيٺل آهي.

هي تحقيق سائنسي جرنل نيچر ڪميونيڪيشنز ۾ ڇپي هئي، جنهن ۾ محققن ريڊار سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي ذريعي درياءِ نيل جي هن لڪل شاخ کي ڳولي لڌو.

هن علائقي جي سروي ۽ زميني نمونن جي جاچ کانپوءِ درياءَ جي موجودگي جي تصديق ڪئي وئي.

محققن موجب ڪنهن دور ۾ هي درياءُ تمام طاقتور هو، پر لڳ ڀڳ 4200 سال اڳ ڏڪار سبب آهستي آهستي واريءَ هيٺ دفن ٿيڻ لڳو.

گيزا جو عظيم هرم هن لڪل درياءَ جي ڪناري کان رڳو هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي واقع آهي. هن هرم جي تعمير لاءِ لڳ ڀڳ 23 لک پٿر جا بلاڪ استعمال ڪيا ويا، جن مان هر بلاڪ جو وزن اڍائي ٽن کان 15 ٽن جي وچ ۾ هو.

محققن جو چوڻ آهي ته درياءَ جي هن دريافت مان اهو به سمجهه ۾ اچي ٿو ته مصر جا اهرام مختلف هنڌن تي ڇو تعمير ڪيا ويا، ڇاڪاڻ ته وقت سان گڏ درياءَ جو وهڪرو ۽ رستو تبديل ٿيندو رهيو، جنهن سبب مصري حڪمرانن به مختلف دورن ۾ مختلف هنڌن تي اهرام تعمير ڪرايا.

You might also like