پشاور: هَنگو ۾ ڪارروائي دوران چيڪ پوسٽ حملي جو مبينا ماسٽر مائينڊ مارجي ويو

پشاور(ويب ڊيسڪ)قانون لاڳو ڪندڙ ادارن هَنگو ۾ ڪارروائي ڪندي خزينه بانڊه چيڪ پوسٽ تي حملي جي مبينا ماسٽر مائينڊ کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پوليس اختيارين موجب ڇپري نرياب ڀرسان 15 کان 18 مبينا خوارجن جي چرپر ڏٺي وئي، جنهن کانپوءِ ڪارروائي ڪئي وئي ۽ ان دوران هڪ انتهائي گهربل مبينا دهشتگرد مارجي ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل مبينا دهشتگرد خزينه بانڊه پوليس چيڪ پوسٽ تي ٿيل حملي جو مبينا ماسٽر مائينڊ هو.

ياد رهي ته 29 جولاءِ تي هَنگو جي خزينه بانڊه پوليس چيڪ پوسٽ تي مبينا دهشتگردن حملو ڪيو هو، جنهن ۾ ڊي ايس پي سميت 10 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 28 زخمي ٿيا هئا.

You might also like