ميرٽ جي لتاڙ بند ڪئي وڃي:حافظ نصرالله چنا

ڪراچي/حيدرآباد(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير حافظ نصرالله چنا چيو آهي ته نون صوبن جا شوشا ڇڏڻ بدران، جيڪڏهن ملڪ ۾ عدل ۽ انصاف جو نظام، آئين ۽ قانون جي حڪمراني قائم ڪئي وڃي ۽ هر ھڪ کي ان جو جائز حق فراهم ڪيو وڃي ته گهڻا مسئلا پاڻمرادو حل ٿي ويندا. اھڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (ايس پي ايس سي) پاران مبينا بي ضابطگين، ڪرپشن ۽ ميرٽ جي خلاف ورزي خلاف ڪميشن جي آفيس ٻاهران متاثر نوجوانن جي جاري احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اڄ ڪرپشن، ميرٽ جي قتل ۽ سفارش جي ڪلچر اسان جي پياري ملڪ ۾ هر اداري کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي. قابل ۽ باصلاحيت ماڻهن کي نظرانداز ڪري نااهل ماڻهو مسلط ڪيا پيا وڃن ڪيترن ئي ڏينهن کان نوجوان سخت موسم ۾ پنهنجا جائز حق حاصل ڪرڻ لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن، پر بدقسمتي سان حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن انهن جي فرياد تي ڌيان نه ڏنو آهي. جيڪاحڪمرانن جي بي حسي ۽ عوام دشمن حڪمراني جو واضح ثبوت آهي. هن چيوت ه  جماعت اسلامي سنڌ متاثر اميدوارن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي ۽ مطالبو ڪري ٿي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ٿيندڙ بي ضابطگين جي آزاد ۽ شفاف جاچ ڪئي وڃي

You might also like