اسلام آباد(ع آ نيوز) محسن نقوي جي بيان کان پوءِ سياسي حلقن ۾ بحث تيز ٿي ويو آهي. پ پ ۽ ن ليگ حڪومت ۾ اتحادي آهن. بلاول ڀٽو پنهنجين تقريرن ۾ اهڙا لفظ ۽ الزام هڻي رهيو هو جيڪي طاقتور حلقن کي ڪنهن به صورت ۾ پسند نه پيا اچن. نون ليگ جي حڪومت فارم 47 واري آهي ته پوءِ پيپلز پارٽي جو مينڊيٽ به ڌانڌلي ٿيل آهي. بلاول ڀٽو ۽ نون ليگ جي ٻنهي قيادتن کي وارننگ ڏني وئي آهي ته اهي ريڊ لائين ڪراس نه ڪن. اگر ڪاڪروچ گڏجي ويا ته هي سڄو نظام الٽ پلٽ ٿي ويندو. ٻئي پاسي نون صوبن جو شوشو ڇڏيو ويو آهي ۽ يقينن وڏن حلقن ۾ هيءَ ڳالهه بحث هيٺ آهي. عمران خان جي سڄي پاڪستان ۾ مقبوليت وڌي پئي. بيرسٽر گوهر جو چوڻ آهي ته في الوقت پيپلز پارٽيءَ ان سلسلي ۾ سندن سان ڪوبه رابطو ناهي ڪيوداخلي وزير محسن نقويءَ جي گذريل ڏينهن صدر پاڪستان آصف علي زرداريءَ سان ڪراچي ۾ ملاقات ۽ ڪراچيءَ ۾ ئي ان کان پوءِ اڪنامڪ سمٽ ۾ سنسني خيز خطاب جي نتيجي ۾ اڄ سياسي حلقن ۾ اهڙي بحث جاري آهي ته ڇا ڪا تبديلي اچي رهي آهي يا حڪومت تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي؟ هيءَ صورتحال هن وقت عوام لاءِ به پريشانيءَ جو باعث آهي ته اهڙو ڇا ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ محسن نقويءَ کي واضح طور تي طاقتور حلقن جو هي پيغام پبلڪلي اناؤنس ڪرڻو پيو ته اهي حلقا هن وقت حڪومت جي ڪارڪردگيءَ مان مطمئن ناهن ۽ گهڻو ڪجهه ڪرڻ باقي آهي. توهان ڏسي رهيا هئا ته گذريل ڪجھ ڏينهن کان آزاد ڪشمير ۾ چونڊ مهم دوران پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمين بلاول ڀٽو مسلسل حڪومت، مسلم ليگ نون ۽ پنجاب حڪومت تي تنقيد جا نشتر هلائي رهيو هو ۽ ان جي نتيجي ۾ سياسي گرم جوشي ۽ ڪشيدگي وڌندي پئي وئي. ٻئي جماعتون حڪومتي اتحادي آهن .بلاول ڀٽو پنهنجين تقريرن ۾ اهڙا لفظ ۽ الزام هڻي رهيو هو جيڪي طاقتور حلقن کي ڪنهن به صورت ۾ پسند نه پيا اچن ۽ يقينن بلاول ڀٽو جڏهن ڌانڌليءَ جو الزام نون ليگ تي هڻي ٿو ته هو به ان ئي سسٽم ذريعي منتخب ٿي پارليامينٽ ۾ ويٺل آهن، نون ليگ جي حڪومت فارم 47 واري آهي ته پوءِ پيپلز پارٽيءَ جو مينڊيٽ به ڌانڌلي ٿيل آهي. بلاول ڀٽو ۽ نون ليگ جي ٻنهي قيادتن کي وارننگ ڏني وئي آهي ته اهي ريڊ لائين ڪراس نه ڪن. هي مان گذريل ڏينهن ئي توهان کي واضح طور تي ٻڌايو هو ته هيءَ وارننگ هاڻي ڪا ٻي صورت اختيار ڪندي، ان سان ڪو نئون سياسي بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. ان جي نتيجي ۾، هن وارننگ جي نتيجي ۾ ۽ محسن نقويءَ جي گذريل ڏينهن اڪنامڪ سمٽ سان خطاب دوران چيل جملن، جنهن ۾ هن ڪاڪروچن جو ذڪر به ڪيو ۽ هي به چيو ته ڪاڪروچ گڏجي ويا ته هي سڄو نظام الٽ پلٽ ٿي ويندو، ۽ پوءِ محسن نقوي هي به چوندو نظر آيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير لک ڪوششون ڪري ۽ ڪاميابيون حاصل ڪري حڪومت جي جھوليءَ ۾ وجهي، پر ان جا اثر تائين بهتر نظر نه ايندا جيسين حڪومت پرفارم نه ڪندي. ان جو نتيجو هي نڪتو آهي ته ٻئي وڏيون سياسي جماعتون جيڪي حڪومتي اتحادي به آهن، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ راتو رات مظفرآباد ۾ مذاڪرات ڪيا ۽ ان ڳالهه کي سمجهي ويا ته حالات بگڙجي رهيا آهن ۽ اهي ٻئي پارٽيون هاڻي ريڊ لائين ڪراس نه ڪنديون. ٻنهي جي وچ ۾ هڪ ٺاهه ٿي ويو آهي ته الئڪشن جا نتيجا ڪجهه به هجن پر هڪٻئي سان ڳچيءَ ۾ هٿ نه پائينديون، جمہوريت کي ڊي ريل نه ڪيو ويندو. محسن نقوي به اهو ئي چئي رهيو آهي ته فيلڊ مارشل ڪئين ئي ڀيرا چئي چڪو آهي ته هن سسٽم کي ڊي ريل نه ڪندس، پوءِ هي سياسي جماعتون هي ڌنگا مشتي ڇو ڪري رهيون آهن. ٻئي پاسي نئين صوبن جو شوشو ڇڏيو ويو آهي ۽ يقينن وڏن حلقن ۾ هيءَ ڳالهه بحث هيٺ آهي ته نوان انتظامي يونٽ قائم ڪيا وڃن، ان لاءِ آئيني ترميم به بحث هيٺ آهي ۽ ان تي دٻاءُ به وڌايو پيو وڃي. محسن نقوي اهو ئي پيغام کڻي صدر پاڪستان وٽ ويو ته نئين صوبن جو قيام هن وقت اڻٽر ٿي چڪو آهي. جيڪڏهن ان تي ڪا وڌيڪ بحث ڪئي وئي يا رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوءِ نظام خطري ۾ آهي. ۽ هيءَ هڪ اهڙي بحراني صورتحال آهي جنهن ۾ نه صرف پاڪستان پيپلز پارٽي، نون ليگ بلڪه پي ٽي آءِ به هڪ مونجھاري جو شڪار آهي ته ڪهڙي طرح هن صورتحال مان اڳتي وڌي سگهجي. پي ٽي آءِ جي موجوده چيئرمين بيرسٽر گوهر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته عمران خان جي سڄي پاڪستان ۾ مقبوليت 90 سيڪڙو کان به وڌيڪ آهي. هن چيو ته توهان 100 صوبا ٺاهي وٺو پر عمران خان جي مقبوليت ڪنهن به صورت ۾ گھٽ نه ٿيندي. بيرسٽر گوهر بلاول ڀٽو جي ان پيغام کي جنهن جي نتيجي ۾ هن گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ کي چيو هو ته اهي آزاد ڪشمير جو بائيڪاٽ ختم ڪري ووٽنگ ۾ حصو وٺن، ۽ يقينن بلاول ڀٽو پنهنجي هن ڪمزوريءَ جو اظهار ڪري رهيو آهي ته کيس آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ڪاميابي نظر نه پئي اچي ۽ کين پي ٽي آءِ جي ووٽن جي ضرورت آهي. آءِ ايس پي آر جي ترجمان اڄ پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ واضح ڪيو آهي ته گذريل ڏينهن محسن نقويءَ جو بيان سندس ذاتي راءِ هئي، ان ۾ اسٽيبلشمينٽ يا فوج جو ڪوبه ڪردار ناهي. پر هن اهائي ڳالهه ضرور اٿاري آهي ته دهشتگردي ۽ معاشي صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ گڊ گورننس ضروري آهي. حالات سياسي طور تي ڪمزور ٿي رهيا آهن ۽ صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي. وزير اعظم شهباز شريف تي به دٻاءُ وڌي رهيو آهي ۽ مريم نواز به دٻاءُ جو شڪار آهي، جنهن جو نتيجو هي آهي ته اڄ ٻنهي وڏين سياسي جماعتن پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ پنهنجون توپون بند رکيون ۽ هڪٻئي تي گولا باري ڪرڻ بدران سيز فائر، توهان هي چئي سگهو ٿا ته سيز فائر ڪري ڇڏيو آهي.