حيدرآباد(عوامي آواز نيوز)ميرٽ جي بحالي واري تحريڪ جي روح روان فرمان علي ملغاڻي جو چوڻ آهي ته هر ڪو پڇي رهيو آهي ته پاڪستاني جين زي ڪٿي آهي،انهن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسان ٽن ڏينهن کان حيدرآباد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف احتجاجي ڪئمپ لڳائي ويٺل آهيون، هن چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف هڪ وڏي تحريڪ شروع ٿي چڪي آهي، ان تحريڪ کي هر ماڻهو جوائن ڪري رهيو آهي،ڪميشن ۾ اقرباپروري ۽ ڪرپشن خلاف احتجاج هلي رهيو آهي،هن چيو ته اسان سان حيدرآباد جي لطيف آباد مان محمد سعيد شامل ٿيو آهي. باقي ماڻهن کي به اهو ئي پيغام آهي ته توهان اسان سان ملو.سعيد جو چوڻ آهي ته توهان پنهنجو آئيني حق حاصل ڪرڻ لاءِ نڪرو. حق اهڙي طرح نٿا ملن، حقن لاءِ وڙهڻو پوي ٿو. جيڪڏهن اهي اڳتي نه آيا ته مسئلو حل نه ٿيندو. هتي ڪو اردو ڳالهائيندڙ يا ڪو سنڌي يا ڪا ٻي وڇوٽي ناهي، هي سڀني سنڌ واسين لاءِ آهي. هن چيو ته پنهنجي ذهن مان اها ڳالهه ڪڍي ڇڏيو ته هي صرف سنڌين ڪئمپ لگائي آهي يا ڪنهن ٻئي. هي ڪئمپ حق جي ڪئمپ آهي. هي توهان کي ڀليڪار ڪندا، فرمان علي چيو ته اسان جا مطالبا آهن ته. سي سي اي 2024ع (CCE 2024) ۾ جيڪا ڪرپشن ٿي آهي ۽ وڏيرن جا ماڻهو آندا ويا آهن، ان امتحان جي فارنزڪ انڪوائري ڪرائي وڃي.جيڪي به ذميوار ماڻهو آهن، انهن کي سزائون ڏنيون وڃن.سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن) ۾ سڌارا آندا وڃن،چوٿون مطالبو آهي ته اداري ۾ اهڙو نظام (ميڪنزم) جوڙيو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ ڪنهن به قسم جي ناانصافي يا حق تلفي نه ٿئي.