اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ وڏي پئماني تي ٽيڪسن، ليويز ۽ مختلف مارجنز جي شموليت سامهون اچي وئي آهي.
حڪومتي دستاويزن موجب، هڪ ليٽر پيٽرول تي مجموعي طور 125 رپيا 95 پئسا ٽيڪس، ليويز ۽ مختلف مارجنز اوڳاڙا پيا وڃن، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي في ليٽر 112 رپيا 54 پئسا اضافي طور شامل آهن.
دستاويزن موجب، هڪ ليٽر پيٽرول جي بنيادي لاڳت 209 رپيا 76 پئسا آهي، پر حڪومت ان جي وڪري جي قيمت 335 رپيا 18 پئسا مقرر ڪئي آهي.
پيٽرول جي اگهه ۾ 80 رپيا پيٽروليم ليوي، 5 رپيا ڪلائميٽ سپورٽ ليوي، 17 رپيا 28 پئسا ڪسٽمز ڊيوٽي، 7 رپيا 16 پئسا ان لينڊ فريٽ ايڪولائيزيشن مارجن، 7 رپيا 87 پئسا آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جو مارجن ۽ 8 رپيا 64 پئسا ڊيلرن جو مارجن شامل آهن.
ساڳئي ريت، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي بنيادي لاڳت 270 رپيا 92 پئسا آهي، جڏهن ته حڪومت ان جي في ليٽر قيمت 383 رپيا 46 پئسا مقرر ڪئي آهي.
دستاويزن موجب، ڊيزل تي 70 رپيا 82 پئسا پيٽروليم ليوي، 5 رپيا ڪلائميٽ سپورٽ ليوي، 15 رپيا 68 پئسا ڪسٽمز ڊيوٽي، 4 رپيا 53 پئسا ان لينڊ فريٽ ايڪولائيزيشن مارجن، 7 رپيا 87 پئسا آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جو مارجن ۽ 8 رپيا 64 پئسا ڊيلرن جو مارجن اوڳاڙيو پيو وڃي.
پيٽرول جي بنيادي قيمت 209 رپيا، پوءِ في ليٽر 335 رپين ۾ ڇو وڪرو ٿئي ٿو؟ تفصيل سامهون اچي ويا
You might also like