ڏکڻ آفريڪا ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 4 پاڪستاني قتل

جوهانسبرگ (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا جي سيبينزا علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 4 پاڪستاني مارجي ويا.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، مقامي پوليس جو چوڻ آهي ته ڇنڇر جي شام چار ئي گهر واپس وڃي رهيا هئا ته سگنل تي ڪار سوار هٿياربندن ٻنهي پاسن کان سندن گاڏي تي اندھاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ چئني ڄڻن ٿڏي تي ئي دم ڏئي ڇڏيو.
پوليس واقعي واري هنڌ تان 9 ايم ايم پسٽل جا ڪيترائي خول هٿ ڪري ورتا آهن، جڏهن ته پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ لڳي رهيو آهي، حملي آورن جي ڳولا ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.
ٻئي پاسي پنجاب جي وزيراعليٰ ڏکڻ آفريڪا ۾ 4 پاڪستانين جي قتل تي ڏک جو اظهار ڪندي وارثن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like