ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ هزارين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ ملڪ ۾ في تولو سون 4 هزار رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 31 هزار 736 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون به 3 هزار 430 رپيا وڌي 3 لک 70 هزار 143 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي اگهه ۾ واڌ ڏٺي وئي، جتي في اونس سون 40 ڊالر مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 هزار 93 ڊالر تي پهچي ويو آهي.
You might also like