سنڌو درياءُ ۾ پاڻي جي کوٽ ختم نه ٿي سگهي، آبادگار پريشان

گڊو(رپورٽ:شفقت ڀيو) سنڌو درياءُ ۾ پاڻي جي کوٽ ختم نٿي سگهي، جڏهن ته پنجاب جي فلڊ فورڪاسٽنگ ڊويزن لاھور پاران راوي، جھلم، ڪابل درياءَ ۽ انھن سان لاڳاپيل نالن ۾ وچين درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ٿيڻ جا امڪان ظاھر ڪيا ويا، پنجاب ۾ ٻوڏ واري صورتحال باوجود سنڌو درياءُ ۾ پاڻي جي کوٽ برقرار آهي جنهن سبب آبادگار فصل جي پوکائي لاءِ سخت پريشان آهن جڏهن ته آبپاشي عملي آبادگارن جي پريشاني جو ناجائز فائدو وٺي پاڻي جي کوٽ کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڦرلٽ شروع ڪري ڏني آهي جڏهن ته آبپاشي عملدار مراد واھ، گيھل شاخ، ڳنڌير شاخ، شاھي واھ سميت فيڊرن مان نڪرندڙ مختلف واھن ۽ شاخن مان آبادگارن کان مبينا رشوت وٺي ساريالي فصل جي پوکائي لاءِ پاڻي وڪرو ڪرڻ جو جا الزام سامھون آيا آهن جڏهن ته آبپاشي کاتي جي انگ اکرن موجب گڊو بيئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 64 ھزار 125 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانھون وھڪرو 1 لک 22 ھزار 881 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آھي، جڏهن ته سکر بيئراج وٽ پاڻي جو مٿانھون وھڪرو 1 لک 11 ھزار 250 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانھون وھڪرو 54 ھزار 450 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آھي، جڏھن ته ڪوٽڙي بيئراج وٽ پاڻي جو مٿانھون وھڪرو 43 ھزار 225 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانھون وھڪرو خالي رڪارڊ ڪيو ويو، سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب آبادگار سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن ان سلسلي ۾ آبادگارن عبدالحڪيم مزاري، ڪامريڊ شاھ گل مزاري ۽ ٻين رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته آبپاشي عملدار دريائي پاڻي جو دڪان کولي ويٺا آهن رشوت ڏيندڙ آبادگارن کي غير قانوني پائيپ لڳائي به پاڻي ڏنو پيو وڃي رشوت ڏيڻ کان انڪار ڪندڙ آبادگارن کي پاڻي جي کوٽ جو جواز ڄاڻائي پاڻي ڏيڻ کان انڪار ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like