اسلام آباد(بيورو) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار سان نيشنل پارٽي جي صدر ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ ۽ پارٽي جي پارلياماني ميمبرن ملاقات ڪئي.ملاقات دوران بلوچستان جي موجوده صورتحال، عوام کي پيش ايندڙ مسئلن ۽ ترقياتي معاملن تي تفصيلي خيال ونڊيو ويو.اسحاق ڊار چيو ته وفاقي حڪومت پاڪستان جي آئين جي دائري اندر رهندي بلوچستان جي عوام جي معاشي ترقي، خوشحالي ۽ سندن جائز مطالبن جي حل لاءِ پُرعزم آهي.ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ چيو ته نيشنل پارٽي بلوچستان جي عوام جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ سڀني ڌرين سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن وڌيڪ چيو ته صوبي ۾ سرگرم هٿياربند عنصرن کي بلوچستان جي عوام جي نه حمايت حاصل آهي ۽ نه ئي کين ڪو اخلاقي جواز حاصل آهي.ملاقات ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير رانا ثناءُ الله خان ۽ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوا پڻ موجود هئا.