نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي ڀارت بحري جهازن جي مالڪن ۽ جهازران ڀرتي ڪندڙ ڪمپنين کي هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ حڪم تائين ڀارتي جهازرانن کي انهن جهازن تي مقرر نه ڪيو وڃي، جيڪي آبناءِ هرمز مان گذرن ٿا.
هي هدايت ڀارتي اختيارين جي ان تصديق کانپوءِ جاري ڪئي وئي آهي ته گذريل هفتي کان علائقي ۾ واپاري جهازن تي ٿيل حملن دوران گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀارتي جهازران مارجي چڪا آهن.
واضح رهي ته ڀارت دنيا ۾ واپاري جهازراني لاءِ افرادي قوت فراهم ڪندڙ سڀ کان وڏن ملڪن مان هڪ آهي.
ڀارتي جهازراني وزارت جي انگن اکرن موجب، 2025ع دوران ان شعبي ۾ 3 لک 20 هزار کان وڌيڪ ڀارتي جهازران ڪم ڪري رهيا هئا.
ڀارت جي ميري ٽائيم ڊائريڪٽوريٽ جنرل گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو هو ته ”ايندڙ حڪم تائين ڪنهن به ڀارتي جهازران کي اهڙي بحري جهاز تي مقرر نه ڪيو وڃي، جنهن جي سفر جي رستي ۾ آبناءِ هرمز شامل هجي.“
”جنهن جهاز جو سفر آبناءِ هرمز ڏانهن هجي، ايڏانهن ناهي وڃڻو“ڀارت جو جهاز رانن کي حڪم
You might also like