ڪراچي (ويب ڊيسڪ(سنڌ حڪومت سکر جي علائقي سنگرار مان 5 سال اڳ اغوا ٿيل نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ نئين جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم (جي آءِ ٽي) قائم ڪري ڇڏي آهي.
گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، ڊي آءِ جي سکر جي سربراهي ۾ قائم ڪيل جي آءِ ٽي پريا ڪماري اغوا ڪيس جي نئين سر جاچ ڪندي ۽ هڪ مهيني اندر پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي پابند هوندي.
نئين جي آءِ ٽي ۾ ايس ايس پي سکر، ايس ايس پي شڪارپور، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ڊي ايس پي سکر شامل هوندا، جڏهن ته آءِ ايس آءِ، ايم آءِ، آءِ بي ۽ رينجرز جا ميجر رينڪ جا آفيسر پڻ ٽيم جا ميمبر هوندا.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جي آءِ ٽي ڪيس جي سمورن رخن جو جائزو وٺندي ۽ نينگري جي بازيابي لاءِ اڳڀرائي بابت رپورٽ پيش ڪندي.
پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ نئين جي آءِ ٽي قائم، هڪ مهيني اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم
You might also like