ڊاڪٽر ماهه رنگ ۽ صبغت الله بلوچ جي عمر قيد خلاف اپيلون ٻڌڻي لاءِ منظور

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان هاءِ ڪورٽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي (بي واءِ سي) جي سربراهه ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ ۽ مرڪزي اڳواڻ صبغت الله بلوچ جي عمر قيد خلاف داخل اپيلون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي فريادي ڌر کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.
بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي جسٽس گل حسن ترين ۽ جسٽس نجم الدين مينگل تي ٻڌل ڊويزن بينچ اپيلن جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ جي وڪيل خالد خان بلوچ ايڊووڪيٽ، شعيب ايڊووڪيٽ ۽ ناديه بلوچ ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيا.
خالد خان بلوچ ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ ۽ صبغت الله بلوچ کي بي بنياد الزامن جي بنياد تي سزا ٻڌائي وئي آهي.
هن چيو ته سيشن ڪورٽ گوادر ساڳئي ڪيس ۾ فريادي طرفان پيش ڪيل شاهدين کي رد ڪندي هڪ جوابدار کي بري ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته انهن ئي ثبوتن جي بنياد تي بي واءِ سي جي اڳواڻن کي سزا ٻڌائي وئي.
وڪيل موجب، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ بي واءِ سي اڳواڻن خلاف هلندڙ ٽرائل قانون ۽ انصاف جي گهرجن مطابق نه هو، ڇو ته درخواستگذارن جا پنهنجا وڪيل موجود هئڻ باوجود عدالت سندن لاءِ سرڪاري وڪيل مقرر ڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته مبينا غيرمنصفاڻي ٽرائل خلاف درخواستگذارن نه رڳو عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو، پر فيصلي کان اڳ ان حوالي سان هاءِ ڪورٽ ۾ پڻ درخواست داخل ڪئي هئي.
خالد خان بلوچ موجب، هاءِ ڪورٽ سزا خلاف اپيلن تي فريادي ڌر کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.
هن اهو پڻ ٻڌايو ته سزا ٻڌائڻ کان اڳ غيرمنصفاڻي ٽرائل ۽ جج جي بدلي لاءِ هڪ آئيني درخواست به هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي هئي، جيڪا اڃا تائين ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ٿي سگهي آهي.
واضح رهي ته اپيلون دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪوئيٽا ون جي ان فيصلي خلاف داخل ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي.
ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ ۽ صبغت الله بلوچ کي فرنٽيئر ڪور (ايف سي) جي هڪ اهلڪار جي قتل واري ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ڏني وئي هئي.
فريادي جو موقف آهي ته جولاءِ 2024ع ۾”بلوچ راجي مچي“ نالي جلسي دوران پٿراءُ سبب ايف سي جو هڪ اهلڪار حياتي وڃائي ويٺو هو.
بي واءِ سي جي ٻنهي اڳواڻن تي الزام هو ته انهن ماڻهن کي ورغلايو، جنهن کانپوءِ هجوم ايف سي جي گاڏي تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار مارجي ويو.

 

You might also like