ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عوامي آواز ميڊيا گروپ جي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻيءَ جي قتل ڪيس کي سکر ڊويزن کان ٻاهر منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
صحافي نصرالله گڏاڻيءَ جي وارثن ۽ سندس وڪيل طرفان ڪميشن کي درخواست ڏني وئي هئي، جنهن ۾ ميرپورماٿيلو ۾ سيڪيورٽي خدشن جو اظهار ڪندي ٻڌايو ويو ته اتي ڪيس جي ٻڌڻي دوران کين هراسان ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب ڪيس جي پيروي ڪرڻ ڏکي آهي. وارثن ڪيس حيدرآباد يا ڪراچي منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.
ان حوالي سان سنڌ ڪميشن فار دي پروٽيڪشن آف جرنلسٽس جو اجلاس چيئرمين اعجاز احمد ميمڻ جي صدارت هيٺ سنڌ آرڪائيوز ۾ ٿيو.
اجلاس ۾ انساني حقن، قانون، گهرو کاتي جي نمائندن، مظهر عباس، ڊاڪٽر توصيف احمد خان، مقصود يوسفي ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ميمبرن صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فيصلو ڪيو ته وارثن جي درخواست تي عمل ڪندي گهرو کاتي کي ڪيس جي منتقليءَ لاءِ خط لکيو ويندو.
You might also like