بينيٽ ۽ برل جو بنگالين کي ڪٽڪو، زمبابوي پهرين ٽي ٽوئنٽي 32 رنسن تان کٽي ورتي

بلاوائيو (ويب ڊيسڪ) زمبابوي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ بنگلاديش کي 32 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
بلاوائيو ۾ کيڏيل پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو، زمبابوي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 170 رنسون ٺاهيون.
زمبابوي طرفان برائن بينيٽ 44، ڊيوَن مائرز 20، سڪندر رضا 20 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته ريان برل ناٽ آئوٽ 30 ۽ براڊ ايوانز ناٽ آئوٽ 19 رنسن جي اهم اننگز کيڏي.
بنگلاديش جي ناهيد رانا شاندار بالنگ ڪندي 4 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته محمد سيف الدين 2 رانديگر آئوٽ ڪيا.
زمبابوي جي 171 رنسن جي هدف جي جواب ۾ بنگلاديش جي سڄي ٽيم 19 هين اوور ۾ 138 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
بنگلاديش طرفان ياسر علي 54 رنسن سان نمايان رهيو، جڏهن ته مهدي حسن 19، تنزيد حسن تميم 1، توحيد هردوئي 14 ۽ سيف حسن 12 رنسون ٺاهيون.
زمبابوي جي رچرڊ نگاراوا ۽ بليسنگ مزراباني 4، 4 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ملٽن شمبا هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
شاندار بالنگ تي رچرڊ نگاراوا کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

You might also like