اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هراساني جي خاتمي بابت وفاقي محتسب (فوسپاه) هڪ سرڪاري آفيسر تي پنهنجي عورت ساٿي کي اولاد نه هجڻ سبب بار بار خواجه سرا سان ڀيٽڻ ۽ تذليل جوڳي ٻولي استعمال ڪرڻ تي 5 لک رپين جو ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.
فوسپاه جي ترجمان موجب، سرڪاري آفيسر شڪايت ڪندڙ عورت ڪوليگ خلاف توهين جوڳي پيغام آن لائن شايع ڪيو، هن اولاد نه ٿيڻ واري ذاتي معاملي کي نشانو بڻائيندي عورت کي بار بار خواجه سرا سان ڀيٽيو.
فيصلي موجب، شڪايت ڪندڙ خلاف هلايل تذليل جوڳي مهم جا دستاويزي ثبوت سامهون آيا، جڏهن ته جوابدار شعوري طور صنفي بنيادن تي تذليل جوڳي ٻولي کي پنهنجي ساٿي خلاف هٿيار طور استعمال ڪيو.
فوسپاه پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته خواجه سرا سڃاڻپ سان منسوب اصطلاحن کي تذليل لاءِ استعمال ڪرڻ رڳو غير مهذب ٻولي ناهي، پر اهو معاشري ۾ نقصانڪار ۽ دقيانوسي سوچ کي به هٿي ڏئي ٿو.
فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اهڙو رويو معاشري جي هڪ انتهائي هيڻي ۽ محروم طبقي خلاف امتيازي سلوڪ جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ پيشيواراڻي ماحول ۾ اهڙي عمل جي ڪا به گنجائش ناهي.
You might also like