ايڊنبرگ (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) پنهنجي سالياني اجلاس کانپوءِ ڪيترن ئي اهم فيصلن جو اعلان ڪيو آهي، جن ۾ ماريشس کي آءِ سي سي جو 111 هون ميمبر بڻائڻ، ڪرڪيٽ ويسٽ انڊيز لاءِ 12.82 ملين آمريڪي ڊالر قرض جي منظوري ۽ معطل ٿيل ڪرڪيٽ ڪئناڊا جي بحالي لاءِ شرطون مقرر ڪرڻ شامل آهن.
آءِ سي سي بورڊ فرانس ڪرڪيٽ کي به ميمبرشپ جي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ”آن نوٽيس“رکي ڇڏيو آهي، جڏهن ته في الحال ان خلاف وڌيڪ ڪا پابندي لاڳو ناهي ڪئي وئي.
بورڊ سريلنڪا ڪرڪيٽ ۾ نئين آئين بابت ٿيندڙ اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ۽ زور ڏنو ته چونڊون جلد کان جلد ڪرايون وڃن.
آءِ سي سي واضح ڪيو ته ايندڙ حڪم تائين سريلنڪا ڪرڪيٽ جا نمائندا بورڊ جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهندا.
اجلاس دوران آءِ سي سي ٻه نيون ماتحت ڪميٽيون به قائم ڪيون، جن ۾ گورننس ريويو ڪميٽي ۽ فرنچائز ليگز ڪميٽي شامل آهن.
ٻئي پاسي، آءِ سي سي واضح ڪيو ته ڪرڪيٽ ڪئناڊا جي معطلي برقرار رهندي، جڏهن ته بحالي لاءِ طئي ڪيل شرطن تي مڪمل عملدرآمد کانپوءِ ئي ان جي ميمبرشپ بحال ڪرڻ تي غور ڪيو ويندو.
You might also like